19 ہفتہ , جنوری 2019

ياسمين راشد ڪم جاري رکي، استعيفيٰ ڏيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ياسمين راشد ڪم جاري رکي، کيس استعيفيٰ ڏيڻ نه ڏينداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ خانگي يونيورسٽين جي قانوني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد عدالت ۾ پيش ٿي. ياسمين راشد چيف جسٽس کي شڪايت ڪندي چيو ته توهان جي رمارڪس تي مخالف ڌر مون کان استعيفيٰ گهري رهي آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته توهان کي استعيفيٰ ڏيڻ نه ڏينداسين، توهان پنهنجو ڪم جاري رکو، گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، توهان تمام گهڻا احترام لائق آهيو، توهان جو ڪيريئر بي داغ آهي، ڪنهن توهان خلاف هيءَ مهم شروع ڪئي آهي، توهان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، لفظ ناهن جنهن سان توهان جي تعريف ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان وٽ لفظ نه آهن جنهن سان توهان جي تعريف ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان خلاف به اهـڙي مهم هلائي ويندي آهي، واٽس ايپ ميسيج موجود آهن، ڇا اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے