19 ہفتہ , جنوری 2019

ورلڊ اليون جي دوري دوران پاڪستان ۾ مان ………….فاف ڊوپليسي جو اهم بيان سامهون اچي ويو

جوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي شاندار قرار ڏئي ڇڏيو.  پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته ورلڊ اليون جي ڪپتان طور پاڪستان جو دورو  محفوظ ۽ سيڪيورٽي شاندار هئي، ڇتن تي سنائپر، رانديگرن جي چهرن تي ماسڪ، سيڪيورٽي هالي ووڊ فلمن جهڙي لڳي، ذاتي طور مان پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي شاندار انتظام ڏٺا، جڏهن ته پاڪستان روانگي کان اڳ ذهن ڪيئي سوال اڀري رهيا هئا پر اتي پهچڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو. ٻئي پاسي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجه چيو ته ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ نه ٿيڻ جي ڳڻتي وزيراعظم عمران خان کي به آهي، ورلڊ اليون پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي، شاندار سيڪيورٽي انتظام سڀني ڏٺا آهن، هلندڙ سال پي ايس ايل جون اٺ ميچون ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي ” ري لانچنگ “ جو فيصلو ڪنديون، سپر ليگ ميچن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي اڃا ڪيترو پري آهي، اڳوڻي قومي ڪپتان چيو ته اسد شفيق 60 کان مٿي ٽيسٽ ميچون کيڏي چڪو آهي، پر  هن پاڪستان ۾ هڪ به ميچ ناهي کيڏي، اها صورتحال رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ پرستارن لاءِ تڪليف ڏيندڙ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے