18 جمعہ , جنوری 2019

ملتان سلطانز جي اسٽيو سمٿ جي پي ايس ايل 4 ۾ شرڪت شڪي

World Cup fears as sore elbow forces Smith home from Bangladeshميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ زخمي ٿي پيو جنهنڪري سندس پي ايس ايل ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي. بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾ معطلي جي سزا ختم ٿيڻ جي منتظر اڳوڻي ڪينگروز ڪپتان اسٽيو سمٿ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڪو ميلاد وڪٽوريئنز جي نمائندگي ڪندي رڳو ٻه ميچون کيڏيون هيون، زخمي ٿيڻ بعد هو ايونٽ اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. ذريعن موجب فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ کيس سرجري ڪرائڻي پوندي جنهن کانپوءِ کيس ميدانن ۾ واپسي لاءِ ڏيڍ مهيني تائين انتظار ڪرڻو پوندو ، ائين 14 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ۾ سندس شرڪت جا امڪان گهٽجي ويا آهن، اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان جون خدمتون ملتان سلطانز حاصل ڪيون آهن،  فرنچائز کي سپليمنٽري پليئرز جي فهرست مان ڪنهن متبادل نالي تي غور ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے