19 ہفتہ , جنوری 2019

نواز يا شهباز شريف جي صحت کي نقصان پهتو ته ذميوار وزيراعظم هوندو: احسن اقبال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف يا نواز شريف جي صحت کي ڪو نقصان پهتو ته سڌو ذميوار وزيراعظم هوندو. لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان جعلي مئنڊيٽ ذريعي پاڪستان کان پلاند وٺي رهيو آهي، مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، حڪومت دوائن جي اگهن ۾ اضافو ڪيو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.  هن چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي، اسان حڪومتي ٽڪساٽن جو چڱي نموني مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي صحت کي ڪو نقصان پهتو ته ذميوار سڌو وزيراعظم، گهرو سيڪريٽڙي ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ هوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے