19 ہفتہ , جنوری 2019

ايل ڊي اي پلاٽن بابت ڪيس: ڪميٽيءَ ۾ نيب آفيسرن کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي سٽي بابت  ڪيس ۾ پلاٽن جي ورڇ ڪميٽي ۾ نيب آفيسرن کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ايل ڊي اي سٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. هائوسنگ وارو وزير ميان محمود الرشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.  چيف جسٽس ثاقب نثار پلاٽن جي ورڇ واري ڪميٽي ۾ نيب آفيسرن کي شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته نيب جو ان ڪميٽيءَ ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟، نيب جي تلوار ڇو ماڻهن جي مٿان ٽنگي وئي آهي، نيب وڪيلن جي فين جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هائوسنگ واري وزير چيو ته ايڊن سوسائٽي جا متاثر خوار ٿي رهيا آهن، چيف جسٽس چيو ته ايڊن سوسائٽي جو ڪيس ته حل ٿي چڪو آهي، هائوسنگ واري وزير چيو ته ڊاڪٽر امجد وارو ڪيس اڃا حل نه ٿيو آهي، هو پرڏيهه هليو ويو آهي. عدالت چيو ته ايل ڊي اي سٽي ۾ ماڻهو پئسا ڏئي ويٺا آهن پر زمين نه ملي آهي. چيف جسٽس چيو ته  ڪنهن سان ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين. ميان محمود الرشيد چيو ته 9 هزار ماڻهن وٽ زمين جا فائل آهن پر زمين ناهي، 98 هزار زمين جو قبضا اڃا قبضو ختم ڪرائڻو آهي، ساڍا 13 هزار ڪنال زمين جي ورڇ جي پلاننگ ڪري رهيا آهيون. هائوسنگ واري وزير چيو ته ايل ڊي اي سٽي جي زمين ٽڪڙن جي صورت ۾ موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے