19 ہفتہ , جنوری 2019

پي اي سي مان پي ٽي آءِ کي ڪڍي مون کي شامل ڪيو وڃي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي وارو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ٽي آءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ شامل پنهنجي ڪنهن ميمبر کي ڊراپ ڪري مون کي شامل ڪري. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته کير جي سنڀال تي ٻلي کي نه ٿو ويهاري سگهجي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهيان، سومر تي ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندس، مون کي پي اي سي ۾ به شامل ڪيو وڃي تنهن ڪري پي ٽي آءِ پنهنجي هڪ ميمبر کي واپس وٺي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جي سربراهي مون کي ڏني وڃي، مان مسلم ليگ ن جي معاملن جي آڊٽ ڪرائيندس. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان لاڳاپا آهن جنهن تي مون کي فخر آهي مان هڪ الڳ سياسي پارٽي جي نمائندگي ڪندو آهيان، پي ٽي آءِ کي جوابده نه آهيان. شيخ رشيد چيو ته  آصف زرداري ۽ نواز شريف جو ڪو به مستقبل ناهي، مريم نواز نياڻي وانگر آهي هن خلاف ڪابه ناڪاري ڳالهه نه ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے