19 ہفتہ , جنوری 2019

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري،  بابر اعظم جي حڪمراني برقرار

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) نئين ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي جي رينڪنگ موجب بيٽسمينن جي فهرست ۾ پاڪستان جو  بابراعظم بدستور سرفهرست آهي. جڏهن ته ڪيوي اوپنر ڪولن منرو ٻئين ۽ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ بهترين بيٽسمين جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهي. ٽاپ ٽين بيٽسمينن ۾ پاڪستان جي فخر زمان جو پنجون نمبر آهي جنهن کانپوءِ ڪو به پاڪستاني ٽاپ 20 بيٽسمينن ۾ شامل ناهي اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ بيٽسمينن ۾ 28 هين پوزيشن آهي. آءِ سي سي جي بالرن جي نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ افغانستان جو راشد خان نمبر هڪ بالر آهي، جڏهن ته پاڪستان جي شاداب خان ٻئين ۽ ڀارت جي ڪلديپ ياديو ٽئين نمبر تي آهي. بالرن جي ٽاپ ٽين فهرست ۾ پاڪستان جي فهيم اشرف 8 هين ۽ عماد وسيم نائين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ  ٽاپ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني بالر شامل ناهي، شاداب خان بالرن ۾ 30 هين نمبر تي آهي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جي آل رائونڊرز واري فهرست ۾ ڪينگروز آل رائونڊر گلين ميڪسويل نمبر ون پوزيشن تي موجود آهي بنگلاديش جي شڪيب الحسن  جو ٻيون، افغانستان جي محمد نبي جو ٽيون نمبر آهي.  آل رائونڊرن جي ٽاپ ٽين فهرست ۾ محمد حفيظ جو ڏهون نمبر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے