19 ہفتہ , جنوری 2019

ڀارتي سينسر بورڊ جي ان فيصلي سان…….. عمران هاشمي سخت بيان ڏئي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار عمران هاشمي پنهنجي فلم چيٽ انڊيا جو نالو تبديل ڪرڻ تي ڀارتي سينسر بورڊ جي فيصلي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو  آهي. ڀارتي تعليمي نظام ۾ موجود خامين ۽ بدعنوانين بابت ٺاهيل فلم چيٽ انڊيا اڄڪلهه پنهنجي انوکي موضوع ڪري خبرن ۾ آهي، فلم ۾ عمران هاشمي مک ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته فلم جي پروڊيوسر به هو پاڻ ئي آهي. عمران خان هاشمي پنهنجي فلم بابت پراميد آهي ته اها فلم پرستارن جي معيار تي پورو لهندي، پر ڀارتي سينسر بورڊ ريليز کان رڳو هڪ هفتو اڳ فلم جو نالو تبديل ڪري عمران هاشمي کي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي آهي.  اداڪار عمران هاشمي ڀارتي سينسر بورڊ تي ڇتي تنقيد ڪندي ان فيصلي کي کل جوڳو ۽ غير منطقي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سينسر بورڊ الزام مڙهيو آهي ته فلم جي نالي سان ڀارت جو منفي تاثر اڀرندو پر کين سمجهڻ گهرجي ته اسان جيڪو ڏيکاري رهيا آهيون اهو ئي نظام جو آئينو آهي. عمران هاشمي ڪاوڙ مان چيو ته اسان جي فلم جو ٽائٽل  هڪ سال اڳ فائنل ٿي چڪو هو، سينسر بورڊ ان نالي سان گڏ سمورن فلم ٽريلرن ۽ پروموز جي کي منظوري ڏني هئي ته پوءِ هاڻي ڇا ٿي ويو. عمران هاشمي چيو ته هاڻ مداح سياڻا ٿي ويا آهن هو فلم کي ان جي ڪهاڻي موجب جج ڪندا آهن، پرستار فلم جي مواد کي ڏسڻ ايندا آهن ٽائٽل کي نه، مونکي ڀروسو آهي ته فلم جي ٽائٽل جي تبديلي سان ان جي مواد ۽ موضوع تي ڪو به  اثر نه پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهوش حيات جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري…….. تفصيل ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي پهرين ويب سيريز  ” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے