19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪراچي جو نوجوان 13 سالن کان ڀارت ۾ قيد، امڙ جي حڪومت کي مدد جي اپيل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي نارٿ ناظم آباد جو رهواسي محمد فهد 13 ورهين کان ڀارت ۾ قيد آهي، حڪومت طرفان سندس آزادي لاءِ سنجيده ڪوششون نه ڪيون ويون آهن.  ڀارتي قيد ۾ موجود محمد فهد جي امڙ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ فيبروري 2006ع ۾ پنهنجي ڏاڏي سان ملڻ ڏکڻ آفريڪا جي علائقي ڪيليڪٽ ويو جتي ڀارتي فورسز کيس گرفتار ڪري ورتو. هن چيو ته فهد تي دهشتگردي سميت مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي غلط ثابت ٿيا هاڻي مٿس رڳو هڪ ڪيس بچوآهي پر جنهن اهلڪار ڪيس داخل ڪرايو  اهو پيش نه ٿي رهيو آهي. فهد جي امڙ موجب هوءَ حڪومت سميت هر فورم تي اپيل ڪري چڪي آهي ته سندس پٽ کي ڀارت جي قيد مان آزاد ڪرايو وڃي پر اڃا تائين ڪنهن سندن مدد نه ڪئي آهي. زبيده خانم حڪومت کي اپيل ڪئي ته سندس زندگي ۾ پٽ کي ڀارت جي قيد مان آزاد ڪرايو وڃي ته جيئن هوءَ سندس شڪل ڏسي سگهي. هن چيو ته هلندڙ سال 25 فيبروري تي فهد کي ڀارت جي قيد ۾ 13 سال ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے