19 ہفتہ , جنوری 2019

پي آءِ اي آف لوڊ ڪيل مسافرن جو سامان جدي موڪلي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي آءِ اي جي باڪمال ڪارنامن جو سلسلو جاري آهي،  جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته  مسافر سعودي عرب نه ويو پر سندس سامان جدي ايئرپورٽ تي پهچايو ويو  آهي. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايف اي اي اميگريشن ڇهن مسافرن کي سفري دستاويز مڪمل نه هئڻ تي سومر ڏهاڙي آف لوڊ ڪري ڇڏيو ۽ پي آءِ اي جي شفٽ انچارج کي آگاهه به ڪيو ويو پر  تنهن باوجود پي آءِ اي مسافرن جو سامان آف لوڊ نه ڪيو پر جدي ايئرپورٽ تي پهچايو ويو. مسافرن آف لوڊ ٿيڻ بعد پنهنجو سامان گهريو ته ٻڌايو ويو ته اهو غلطي سان جدي روانو ڪيو ويو آهي، جلد واپس ڪري ڇڏينداسين،  جڏهن ته عالمي هوائي قانون موجب بنا مسافر سامان ٻئي ملڪ پهچائڻ ڏوهه آهي.  پي آءِ اي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي غلطي ٿي ويندي آهي، لاڳاپيل آفيسرن کان ان معاملي تي رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته سامان واپس گهرايو ويو آهي جيڪو جلد مسافرن کي واپس ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے