19 ہفتہ , جنوری 2019

ريس 4: سلمان خان بدران فلم پروڊيوسر سيف علي خان جي نالي تي ڪرڻ لڳو غور……………

Post Salman Khan’s Race 3 debacle, Saif Ali Khan to join the franchise once again? Read to know moreممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ريس ٿري جي ناڪامي کانپوءِ ريس 4 لاءِ سلمان خان جي جاءِ تي هڪ ڀيرو وري سيف علي خان کي ڪاسٽ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. گذريل سال ريليز ٿيل فلم ريس ٿري ڪمزور ڪهاڻي ۽ بيڪار اسڪرپٽ سبب پرستارن ۽ تجزيه نگارن طرفان ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي، عيدالفطر جي موقعي تي ريليز ٿيل فلم کي فائدو پهتو ۽ فلم پنهنجي لاڳت پوري ڪري ورتي پر فلم  پرستارن جي معيار تي پورو نه لهڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.  ايستائين جو ريس ٿري کي گذريل سال سموري دنيا ۾ ريليز ٿيل 100 بدترين فلم مان هڪ قرار ڏنو ويو. ريس ٿري جي ريليز وقت سلمان خان فلم جي ڪاميابي بابت ايترو پر اميد هو جو هن ريس فور ٺاهڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي هئي پر فلم ٿيل تنقيد کانپوءِ ريس فور لاءِ سلمان خان جي جاءِ تي هڪ ڀيرو وري سيف علي خان کي ڪاسٽ ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ميڊيا جي رپورٽن موجب پروڊيوسر رميش توراني ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سيف علي خان ٻيهر ريس سيريز ۾ شامل ٿي وڃي. واضح رهي ته سيف علي خان ريس ۽ ريس 2 ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو، هي ٻي فلمون سپرهٽ ثابت ٿيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهوش حيات جي مداحن لاءِ وڏي خوشخبري…….. تفصيل ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي پهرين ويب سيريز  ” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے