19 ہفتہ , جنوری 2019

حڪومت طرفان في حاجي 45 هزار رپيه سبسڊي ڏيڻ تي غور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار حج 2019ع لاءِ في حاجي 45 هزار رپيه سبسڊي ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.  ڊالر جي وڌندڙ اگهه سبب حج مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن تي حج پانڌيئڙن سان گڏ حڪومت به پريشان آهي،  ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ حڪومت حج سبسڊي ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.  ذريعن موجب مذهبي معاملن واري وزارت حج تي سبسڊي ڏيڻ تي بابت تجويزون تيار ڪندي في حاجي 45 هزار رپيه سبسڊي ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. مذهبي معاملن جي وزارت  ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ حج سبسڊي ڏيڻ تي به صلاح مشورو ڪيو ويندو.  مذهبي معاملن  واري وزير نور الحق قادري ۽ ناڻي واري وزير اسد عمر وچ ۾ ايندڙ هفتي ملاقات ٿيندي جنهن ۾ مشوري کانپوءِ حج پاليسي کي آخري شڪل ڏني  ويندي. جيڪڏهن حج سبسڊي منظور نه ٿي ته سرڪاري حج جو خرچ 4 لک 20 هزار في حاجي کان وڌي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے