19 ہفتہ , جنوری 2019

آمريڪي صدر تي ڪيس داخل، ٽرمپ جا ٻئي هٿ مٿي تي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ايسوسيئشن ملڪي تاريخ جي ڊگهي ترين شٽ ڊائون کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. آمريڪي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ داخل ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته شٽ ڊائون سبب پگهارون ناهن ملي رهيون ۽ پگهارون کانسواءِ ڪو به ملازم ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته ڪمپني جي ملازمن جو چوڻ آهي ته گهربل معاوضو ڏيڻ کانسواءِ سخت محنت ڪرائي پئي وڃي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ جاري جزوي شٽ ڊائون 22 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ اٺ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پگهارون ناهن ملي سگهيون. شٽ ڊائون سبب لکين ماڻهن کي جزوي طور تي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي ۽ هزارين ماڻهو بنا معاوضي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.  آمريڪي صدر طرفان ميڪسيڪو سان گڏ سرحدي ڀت اڏڻ لاءِ رقم تي هر هر اصرار ڪيو پيو وڃي ۽ هن چئي ڇڏيو آهي ته رقم جي منظور نه ٿيڻ تائين هو شٽ ڊائون کي مهينن نه پر سالن تائين به جاري رکي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے