19 ہفتہ , جنوری 2019

نواز شريف ۽ زرداري سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ آهي، سوديبازي نه ڪنداسين: فواد چوڌري

جهلم ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ شديد دٻاءُ آهي. جهلم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ ٻن خاندانن جي مافيا ويٺل هئي هڪ نواز شريف ۽ ٻيو آصف زرداري، نواز شريف ڪاغذي ڪمپنيون ٺاهي مني لانڊرنگ ڪئي جڏهن ته آصف زرداري ڪاغذي ڪمپنيون قائم ڪيون. هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ستن نسلن مان ڪنهن ڪم نه ڪيو، عوام عمران خان جي قيادت ۾ هڪ مافيا کي شڪست ڏني، هاڻي ٻنهي خاندانن جون رڙيون آسمان تي ٻڌجي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري خلاف معاملو ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي دٻاءُ هو، هر شخص روز اٿي چوندو آهي ته اسيمبلي به هلائڻي آهي، ٻنهي کي ڪجهه ڏئي وٺي معاملو ختم ڪيو، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هٿ هلڪو رکي سياست تمام گهڻي سخت ٿي ويندي آهي، مان اهڙن ماڻهن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪجهه ڏئي وڍي سوديبازي ڪرڻي هئي ته اسان عمران خان کي وزيراعظم ڇو بڻايو آهي؟ فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه وري ايندو، هو واحد ماڻهو آهي جنهن پارٽي اندر ۽ ٻاهر واضح ڪيو ته ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ احتساب کي انجام تائين پهچايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے