19 ہفتہ , جنوری 2019

پاس ورڊ جي اهميت……………ڪٿي اها غلطي اوهان ته نه ڪري رهيا آهيو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄڪلهه  جي سائبر دور ۾ سائبر سيڪيورٽي لازمي آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان رابطن واري پليٽ فارمن کي ٻين جي پهچ کان پري رکو ته جيئن سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ايندڙ مسئلن ۽ ٻين پريشانين کان بچي سگهو، ان لاءِ مخفي لفظن ۽ انگن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. مخفي لفظ معني ” پاس ورڊ “ جيڪو اوهان وٽ هوندو آهي يا وري انتهائي ضرورت تحت انهن ماڻهن وٽ جيڪي اوهان جا ويجهو ۽ ڀروسي جوڳا هوندا آهن.  انگريزي اکرن، ڪجهه انگن ۽ ڪجهه نشانن کي جيڪڏهن اوهان بهترين پاس ورڊ چوندا آهيو ته اوهان غلط ٿي سگهو ٿا.  ٿيندو ڪڏهن ڪڏهن ائين آهي جو پاس ورڊ هئڻ باوجود اوهان جا آن لائن اڪائونٽ يا ڊيٽا ٻئي ” هيڪ“ ٿي ويندا آهن. ان کان بچڻ لاءِ پاس ورڊ لڳائڻ سان گڏوگڏ ڪجهه حفاظتي اپاءَ پڻ اختيار ڪرڻا پوندا ته جيئن پاس ورڊ وڌيڪ محفوظ ٿي سگهي. اوهان به پنهنجي پاس ورڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريو ڪٿي اوهان به اهڙيون غلطيون ته نه ڪري رهيا آهيو.

اوهان جو ” پاس ورڊ “ پاس ورڊ آهي

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته لفظ ”پاس ورڊ“ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ رکجندڙ پاس ورڊن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي. اهو ڪير ٻيو نه پر خود لکن جي انگ ۾ پاس ورڊ چورائيندڙ هيڪر ٻڌائين ٿا. ان کانسواءِ ٻيامشهور پاس ورڊ 123456، 12345678 ۽ ويلڪم آهن.  اوهان به پنهنجي پاس ورڊ جي جاچ ڪريو ڪٿي اهڙو ئي ڪو عام استعمال ٿيندڙ پاس ورڊ ته ناهي.

طاقتور پاس ورڊ

پاس ورڊ جي مضبوطي جاچڻ لاءِ  ڪنهن مشين جي ضرورت ناهي. پاس ورڊ سيٽ ڪندي اتي ئي پاس ورڊ جي طاقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاس ورڊ لڳائيندي پاڻمرادو نظام اوهان کي ٻڌائي ڇڏيندو ته اوهان جو پاس ورڊ ڪيتري حد تائين مضبوط آهي. پاس ورڊ ڪنهن به حد تائين ڪمزور هئڻ جي صورت ۾ اوهان کي وڌيڪ ٽپس به ملي ويندا.

هڪ جهڙو پاس ورڊ رکڻ

هر شيءَ لاءِ رڳو هڪ پاس ورڊ جو استعمال ڪرڻ اوهان جي سموري معلومات کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. ڪنهن صورت ۾ جيڪڏهن ڪو به هيڪر اوهان جي ڪنهن هڪ اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ اتان ئي کيس اوهان جي ٻي معلومات تائين پهچ ملي ويندي.  اوهان جيڪڏهن سمورين شين لاءِ هڪ پاس ورڊ استعمال ڪرڻ جا عادي آهيو ته اهڙي صورت ۾ اوهان جي سموري معلومات هيڪ ٿي سگهي ٿي.

” سيڪيورٽي سوال “ واضح هجي

مختلف ويب سائيٽن تي اوهان کان پاس ورڊ وسري وڃڻ جي صورت ۾ هڪ سيڪيورٽي سوال ۽ جواب پڇنديون آهن جنهن کان پوءِ اوهان پنهنجي پاس ورڊ کي تبديل ڪرڻ مڪمل ٿي سگهي ٿو.  اينٽي وائرس سافٽ ويئر ميڪ ڪيفي موجب سيڪيورٽي سوال ۽ جواب اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو رڳو اوهان جي پنهنجي حد تائين محدود هجي ۽ جيئن اوهان پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان شيئر به نه ڪيو هجي.

پاس ورڊ ۾ ” عام لفظن “ جو استعمال

جنهن ريت واضح سيڪيورٽي سوال ۽ جواب نه هئڻ گهرجن اهڙي طرح اوهان پنهنجي پاس ورڊ ۾ به اهڙا لفظ استعمال نه ڪريو جن کي سولائي سان سمجهي سگهجي. جهڙوڪ اوهان جي ڪنهن ويجهي ساٿي جو نالو، اوهان جي ڪا پسنديدا شيءَ يا وري اوهان رهائش وارو هنڌ. اهڙيون سموريون ڳالهين کي پاس ورڊ ۾ استعمال نه ڪريو جن کي ڄاڻڻ بنهه آسان هجي يا اوهان بابت اهڙي معلومات جيڪا آن لائن سولائي سان ملي سگهي. ڪوشش ڪريو ته پاس ورڊ  غيرمعمولي لفظ استعمال ڪيا وڃن جن کي ڄاڻڻ سولو نه هجي.

اسپيس بار جو استعمال

ڪيئي ويب سائيٽون پاس ورڊ جو تعين ڪندي اوهان کي ”اسپيس بار “  جو استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهن ڏينديون، تنهنڪري ان جو استعمال اتي ڪريو جتي منع نه هجي، ماڻهو لفظن بابت پنهنجي سوچ ويڙهائي سگهن ٿا پر ” اسپيس بار “ بابت ڪنهن به ڪوشش ۾ کين ناڪامي ئي ملندي.

نوان لفظ ايجاد ڪرڻ

ماهر هيڪرن جو چوڻ آهي ته اڳواٽ کان موجود لفظن بدارن ڪنهن لفظ جو استعمال مختلف لفظن کي ملائي ڪري ڪرڻ وڌيڪ بهتر رهندو جهڙوڪ مشهور شخص جي نالي جو اڌ حصو جتي اوهان رهو ٿا اتان جو اڌ لفظ ۽ ڪنهن ٻئي هڪ لفظ کي ملائي نئين لفظ کي ايجاد ڪرڻ.  هي چونڊ چونڊ لفظن جي ايجاد ڇاڪاڻ جو اوهان جي ايجاد آهي تنهنڪري اوهان تائين ئي محدود هوندي.

پاس ورڊ جو ڊگهو هئڻ

سائبر سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاس ورڊ 12-14 اکرن تي ٻڌل هئڻ گهرجي، خالي جاين جيان ڪيئي ويب سائيٽون ايڏي ڊگهي پاس ورڊ جي اجازت ناهن ڏينديون جتي اهڙي ڪا بندش نه هجي اتي ڊگها پاس ورڊ ئي رکو.

تصديق جا طريقا

اڪثر ويب سائيٽون لاگ ان ٿيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ طريقيڪار استعمال جي آڇ ڪنديون آهن، پاس ورڊ استعمال ڪرڻ کانپوءِ اوهان کان وڌيڪ معلومات بابت پڇو ويندو آهي. جهڙوڪ اوهان جو نمبر يا اي ميل ايڊريس جنهن تي اوهان الڳ سان ڪجهه اکر ۽ لفظ موڪليا ويندا آهن. ان سان اوهان کي هڪ وڌيڪ حفاظتي مضبوطي ملندي.  يقينن اوهان پنهنجي پاس ورڊ بابت تمام گهڻو سنجيدا هوندا ۽ اوهان سمورا احتياطي اپاءَ به اختيار ڪيا هوندا پر پنهنجي پاس ورڊ تي هڪ نظر ٻيهر وجهو ڪٿي اوهان ڪجهه وساري ته ناهيو رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے