19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪراچي ۾ فوجي زمين تان سموريون ڪاروباري سرگرميون ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري شهر ۾ فوجي زمين تان ڪاروباري سرگرميون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ حددخلين جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ عدالت حڪومتي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ عدالت فوجي زمين تان سموريون ڪاروباري سرگرميون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪير ڀلي ڪيترو بااثر ڇو نه هجي، غير قانوني اڏاوتن جي اجازت نه ڏينداسين. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪو ڪيترو بااثر ڇو نه هجي غير قانوني اڏاوتن جي اجازت نه هوندي، اهو طئي آهي ته اها زمين خالي ٿيندي. عدالت راشد منهاس روڊ تي قائم ريسٽورنٽن جي پارڪنگ فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فوٽ پاٿن، سروس روڊز تان ٽيبلز ۽ ڪرسيون فوري طور هٽائڻ ۽ ڪورنگي روڊ تي قائم عمارتن سامهون به پارڪنگ هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته ڪلفٽن ڊولمين مال سامهون قائم ڪيل ڀت فوري طور ڪيرائي وڃي. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڀت ٺاهي خاص ماڻهن لاءِ رستو ٺاهيو ويو آهي. عدالت ڪراچي جو ماسٽر پلان ايس بي سي اي کان واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي نمائندي شڪايت ڪئي ته مختلف ادارا اسان سان سهڪار نه ڪري رهيا آهن جنهن تي جسٽس گلزار احمد سمورن ادارن کي سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ڪي ايم سي کي حددخلين خلاف ڀرپور آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے