19 ہفتہ , جنوری 2019

مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه موڪليل رقم واپس آندي ويندي: جاويد اقبال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه موڪليل رقم واپس موڪلي ويندي. هڪ بيان ۾ جاويد اقبال چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻو آهي،  ملڪ ۾ بدعنواني ناسور جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن جي پاڙ پٽڻ وقت جي ضرورت آهي، مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،  بدعنواني سان ڦريل ۽ مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه موڪليل رقم واپس آندي ويندي. هن چيو ته نيب جو سياست يا ڪنهن گروپ سان ڪو به تعلق ناهي، اسان جو تعلق رڳو پاڪستان سان آهي، نيب ميگا ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ جديد ترين فارنزڪ ليبارٽري قائم آهي، جنهن سان دستاويزن جي سڃاڻپ، موبائيل ڊيٽا ۽ آڱرين جي نشانن سان مضبوط شاهديون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ احتساب سڀ لاءِ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، نيب بدعنواني جي خاتمي کي نه رڳو پنهنجي قومي سمجهاري سمجي ٿي پر ڪرپشن فري پاڪستان لاءِ ڪوششون  ڪري رهي آهي، ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل ۽ ٻين ادارن نيب جي ڪوششن سبب پاڪستان مان بدعنواني جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جي واکاڻ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے