18 جمعہ , جنوری 2019

اسان انهن جي  جي آءِ ٽي ۽ جيلن کان نٿا ڊڄون: بلاول ڀٽو

ڪوٽڙي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان انهن جي جي آءِ ٽي ۽ جيل کان نٿا ڊڄون، اسان مشرف جي جيلن ۽ جلاوطني کان نه ڊناسين، سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن خدمت کي پنهنجي ترجيح بڻايو . تفصيل موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽڙي ۾ رٿيل عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جا 2 منصوبا عوام جي فلاح لاءِ ٺهيا. سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن خدمت کي پنهنجي ترجيح بڻايو. هن چيو ته ماڻهن کي روزگار ڏيڻو هجي يا صوبي کي ترقي ڏيارڻي هجي، سنڌ حڪومت سڀني کان اڳتي آهي. حڪومت جيتريون دعوائون ڪيون اهي هوا ۾ اڏي ويون. بلاول چيو ته رڳو زبان هلائڻ سان عوام جي زخمن تي مرهم نٿي رکي سگهجي. هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي ۽ جيلن کان نٿا ڊڄون، اسان مشرف جيلن ۽ جلاوطني کان نه ڊناسين، اوهان زور آزمايو اسان جگر آزمائينداسين. اسان خدمت جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون، سچ ته اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي حڪومت رڳو ڌانڌلي سبب ملي آهي. هي ميرٽ تي اسان جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، سازش تحت اسان کي ڪڍڻ چاهين ٿا.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ملڪ کي بجلي، گئس ناهي ملي رهيو، سيڙپڪار نٿا اچن، پر حڪومتي وزير چون ٿا ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي،  حڪومتي نمائندن جي اکين تي غرور جي پٽي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صوبن پنهنجي حقن لاءِ اسلام آباد تي چاڙهائي ڪئي ته اهو هاڻوڪي حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے