گوادر (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي پيٽروليم ۽ توانائي واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفاح چيو آهي ته گوادر ۾ سعودي عرب جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ گوادر پاڪستان، چين ۽ سعودي عرب جي دوستي جو مثال بڻبو، سعودي عرب جو پيٽروليم ۽ توانائي وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفاح وفد سان گڏ گوادر پهتو، جتي وفاقي وزير غلام سرور ۽ علي زيدي سندن آجيان ڪئي. سعودي وزير چيو ته گوادر پورٽ هڪ اهم خطي ۾ موجود آهي، سعودي عرب جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري گوادر ۾ ٿيندي ۽ گوادر پاڪستان، چين ۽ سعودي عرب جي دوستي جو مثال بڻبو. خالد بن عبدالعزيز چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن لاءِ اهم آهي. ٻئي پاسي پيٽروليم وزير غلام سرور چيو آهي ته سعودي جي شموليت سان سي پيڪ جي اهميت وڌي آهي، ايگريڪلچر جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جي گنجائش آهي، سعودي عرب ايگريڪلچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. هن چيو ته گوادر ۾ آئل سٽي کي قائم ڪرڻ لاءِ ايندڙ مهيني معهاهدي تي صحيحون ٿينديون.
Tags awami awaz Minister Pakistan SAUDI ARAB Visit
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڀارتي فوجي مارجڻ جو هڪ ٻيو واقعو…
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ فوجي ڪئمپ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ …