19 ہفتہ , جنوری 2019

چيف جسٽس ذهني مريض جي وارثن جي ٻڌي ورتي…

The order of the arrest of the PTI's newly elected MPA Nadim Abbas Bara by the Chief Justiceلاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ميان ثاقب نثار موت جي سزا جو انتظار ڪندڙ ذهني مريض خضر حيات جي ڦاهي خلاف داخل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته معلوم ڪيو اهو شخض ذهني مريض آهي يا نه. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ موت جي سزا مليل ذهني مريض خضر حيات بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته مان اڄ خبر پڙهي آهي ته ڪنهن خضر حيات نالي شخص کي ڦاسي ڏئي رهيا آهيو، خضر حيات جيل ۾ قيد آهي. ايڊشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته خضر حيات ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي، جنهن تي چيف جسٽس هن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي جاچ ڪيو ته اهو شخص ذهني مريض آهي يا نه. ان کان پوءِ عدالت خضر حيات جي گھروارن طرفان داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ٻڌڻي سومر تي مقرر ڪري ڇڏي. جسٽس منظور احمد ملڪ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود سومر ڏينهن ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي ڪندا. خيال رهي ته خضر حيات جي گھر ڀاتين طرفان جمع ڪرايل درخواست ۾ عرض ڪيو ويو هو ته ذهني مرض ۾ مبتلا شخص کي ڦاهي ڏني پئي وڃي، عدالت ان جو نوٽيس وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے