19 ہفتہ , جنوری 2019

ڪراچي جو ماسٽر پلان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان کسجي ويو… عدالت ڪهڙو حڪم جاري ڪيو؟ ڏسو تفصيلن ۾

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شهر جو ماسٽر پلان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ حددخلين جي خاتمي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪي ايم سي، ميٽرو پوليشن ڪارپوريشن ڪمشنر، ايس بي سي اي ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سنڌ حڪومت جي نمائندي دانهن ڪئي ته مختلف ادارا اسان سان سهڪار نه پيا ڪن، جنهن تي جسٽس گلزار احمد سمورن ادارن کي سهڪار جي هدايت ڪندي ڪي ايم سي کي حددخلين خلاف ڀرپور آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ عزيز ڀٽي پارڪ، باغ ابن قاسم ۽ هل پارڪ سميت شهر جي سمورن پارڪن مان حددخليون ۽ فٽ پاٿ تي قائم نرسريون فوري طور ختم ڪرڻ، غير قانوني سئنيما هال ۽ شادي ڪيرائڻ، جڏهن ته فلاحي ادارن جون سرگرميون به ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان کانسواءِ عدالت عظميٰ ملٽري لينڊ تي قائم سئنيما گهر سميت سموريون ڪاروباري سرگرميون ختم ڪرائڻ، ڊالمين مال ڪلفٽن سامهون تعمير ڪيل ڀت ڪيرائڻ ۽ راشد منهاس روڊ تي قائم ريسٽورنٽس جي پارڪنگ فوري طور ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. جسٽس گلزار احمد چيو اها ڳالهه طئي آهي ته اهي زمينون خالي ٿينديون، ڪير ڪيترو به بااثر هجي غير قانوني اڏاوتن جي اجازت نه هوندي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت شهر جو ماسٽر پلان پنهنجي ماتحت وٺي ۽ نئين پلاننگ ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے