19 ہفتہ , جنوری 2019

وزيراعظم اهم معاملي تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ٻن وزيرن کي ذميواري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن سان رابطن جي ذميواري بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ڏني وئي آهي. ٻه رڪني ڪميٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اپوزيشن سان رابطو ڪندي. حڪومتي ڪميٽي اپوزيشن سان رابطن بابت وزيراعظم کي آگاهه رکندي. ذريعن موجب ڪميٽي ن ليگ ۽ پ پ سان رابطن ۾ گهرو ۽ قانون واري وزارت جا تيار ڪيل مسودا به پيش ڪندي. حڪومتي ڪميٽي ڳالهين جي عمل تي پنهنجي رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے