19 ہفتہ , جنوری 2019

جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ به پروٽيز جي پوزيشن مضبوط، پاڪستان کي وائيٽ واش جو خطرو

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) جوهانسبرگ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ڏکڻ آفريڪا پنهنجي ٻي اننگز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف مجموعي طور 212 رنسن جي سرسي ماڻي ورتي آهي. آخري ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ به پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ لائن ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 185 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 17 رنسن کان پنهنجي رهيل اننگز شروع ڪندڙ پاڪستاني ٽيم کي ٽيون نقصان 53 جي مجموعي اسڪور تي محمد عباس جي صورت ۾ ٿيو، جنهن 11 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ ڪريز تي آيل اسد شفيق کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو. امام الحق به 43 رنسون ٺاهي همت هارائي ويٺو. ان موقعي تي بابراعظم ۽ ڪپتان سرفراز احمد مزاحمت ڪئي ۽ 78 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿيڻ کانپوءِ 50 رنسون ٺاهيندڙ سرفراز آئوٽ ٿي ويو. بابر اعظم 49 رنسن تي پويلين موٽيو، جڏهن ته فهيم اشرف کاتو ئي نه کوليو. محمد عامر 10 ۽ شاداب خان 5 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان اوليور بهترين بالنگ ڪندي 5 شڪار ڪيا. پهرين اننگز ۾ 77 رنسن جي سرسي کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا بيٽنگ شروع ڪئي ته ڪپتان ڊين ايلگر 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ايڊن مارڪرم به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيٺو ۽ 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڊي بريون 7 ۽ زبير حمزا بنا رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته باووما به 23 رنسون ٺاهي هاشم آملا جو ساٿ ڇڏي ويو. 100 کان اڳ اڌ ٽيم پويلين موٽي وڃڻ کانپوءِ ڊي ڪوڪ اڳ ئي ڪريز تي موجود هاشم آملا سان گڏجي ٽيم کي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کان بچائي ورتو ۽ راند جي پڄاڻي تائين 135 رنسون ٺاهي ٽيم کي 212 رنسن جي مجموعي سرسي ڏياري ڇڏي. آملا 42 ۽ ڊي ڪوڪ 34 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے