21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن کي ڏني ڌمڪي؟ ڪنهن کي ڪيو چيلينج؟ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيو ڪهڙو اعلان؟

جعلي اڪائونٽس جي الزامن کانپوءِ پيپلز پارٽي جون سرگرميون تيز نظر اچي رهيون آهن، ڪٿي نه ڪٿي جلسا ڪٿي نه ڪٿي پريس ڪانفرنس ڪٿي ميڊيا ٽاڪ ضرور ڪئي پئي وڃي ، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ۾ ٻن اور هيڊ برجز  جو افتتاح ڪيو .

بلاول ڀٽو زرداري  ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ 1973  جو آئين ڏنو ، صدر زرداري  ارڙهين ترميم ذريعي چئني صوبن کي اختيار ڏنا، خاص ڪري پنجاب کي تمام گهڻو فائدو  ڏنو آهي .

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ڄاڻي ٿي اها ميرٽ تي  هنن سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي جنهن ڪري پ پ خلاف سازش ڪري رهي آهي .

هن سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪندي چيو ته فلاءِ اوور پل جو ڪم مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيو آهي .

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سنڌ جي عوام کي ڀت  سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي ڌمڪي ڏني ته روڊ ٺهرائي ڏيو يا پئسا سندن حوالي ڪيو  ان کانپوءِ ڄامشوري کان سيوهڻ تائين ڪم شروع ڪيو ويو  آهي ………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے