19 ہفتہ , جنوری 2019

بلوچستان ۾ ڪيترا ٻار تعليم کان محروم آهن؟ ڇرڪائيندڙ رپورٽ سامهون اچي وئي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان اسيمبلي ميمبر ثنا بلوچ هڪ سرڪاري رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته صوبي ۾ 25 لک ٻار تعليم کان محروم آهن. بلوچستان اسيمبلي اجلاس ۾ ايم پي اي ثنا بلوچ جو چوڻ هو ته رپورٽ موجب صوبي ۾ 25 لک ٻار تعليم نٿا پرائن، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪُل 13 لک 845 اسڪول آهن. هن تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ خاص ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ تعليم پٺ تي هجڻ سبب ترقي نه پئي ٿئي. صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران چيو ته اسڪولن جي حالت بهتر ۽ محروم ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري پئي، اسان گڏجي تعليم جي مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے