19 ہفتہ , جنوری 2019

فواد چوڌري نيب کان هڪ ڀيرو ٻيهر معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نيب کي وزيراعظم عمران خان خلاف هيلي ڪاپٽر ڪيس واپس وٺڻ گهرجي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نيب سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه ۽ چونڊيل وزيراعظم کي چورن ۽ ڦورن سان گڏ بيهاري ڇڏيو آهي، هيلي ڪاپٽر ڪيس 27 لکن جو معاملو آهي ۽ نيب ان کي کنيو ويٺو آهي. سندس چوڻ هو آصف زرداري کانپوءِ ٻئي ڪنهن جو وارو آهي، تنهن ڪري خورشيد شاهه پريشان آهي، عوام کي لٽيندڙ عوام کان ٻاهر نڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته احتساب سخت ۽ سڀني جو هجڻ گهرجي، اسان ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان چاهيون ٿا، احتساب اسان جي منشور جو حصو آهي. فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو ته نيب وزيراعظم کان معافي وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے