19 ہفتہ , جنوری 2019

عمران خان کي ڪيستائين آڱر پڪڙي هلايو ويندو؟ فضل الرحمان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چين 50 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهيو اهي پر حڪمران ان کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳل آهن. هن دعويٰ ڪئي ته چين جهڙي ملڪ کي ڪاوڙائي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. مرڪزي مجلس عاملا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي نظرياتي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي دوري تي اڳ آرمي چيف کي وڃڻ گهرجي ها. هن پڇيو ته وزيراعظم عمران خان کي ڪيستائين آڱر پڪڙي هلايو ويندو؟ سندس چوڻ هو ته اسان سياسي پارٽين کي چيو اسيمبلين ۾ ناهي وڃڻو، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جو مطالبو اسان جو آهي، جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ملڪ جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے