19 ہفتہ , جنوری 2019

رپورٽ: حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ مفڪرن، دانشور، شاعرن ۽ راڳين ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد ٿيل لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن جي پهرين ويهڪ “ٿيٽر، آرٽ ۽ ڊاڪيومينٽري” جي موضوع تي  منعقد ڪئي وئي ، ويهڪ ۾ مرڪ ٿيٽر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر آصف ميمڻ چيو ته آرٽ ۾ آرٽ جا سڀ فارم اچي وڃن ٿا، آرٽ جي جنم جو سبب انسان جي ضرورت آهي.

ڊراما رائيٽر شاهنواز ڀٽي چيو ته هاڪاري سماجي تبديلي ۾ ٿيٽر جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو، ٿيٽر ذريعي اسان وڏيون ڳالهيون آساني سان چئي وڃون ٿا.

ڊاڪيومينٽري تي ڪم ڪندڙ نوجوان فهد احمد چيو ته اسان جي قديم ماڳن جي ڄاڻ عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڊاڪيومينٽري ذريعي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيي

 سماجي ترقي ۾ اين جي اوز جي ڪردار تي ٿيل ويهڪ ۾ پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته پاڪستان ۾ شروع ڪيل رورل سپورٽ پروگرام کي نه صوبائي حڪومت اهميت ڏني نه ئي وفاقي حڪومت ان کي ڪا اهميت ڏني.

ظفر جوڻيجو چيو ته هتي عورتن جي اثاثن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ويو، پر نيشنل بينڪ جي 9 مهينن جي ڊيٽا ۾ خبر پئي ته 51 ملين جا زيور نيلام ٿيا، ان جو مطلب اهو ٿيو ته عورتن جي اثاثن کي اڃا تحفظ فراهم نه ٿي سگهيو آهي.

 ايڇ ايل ايف جي “رومي جي رهاڻ” واري موضوع تي ويهڪ ٿي، نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي ڳالهائيندي چيو ته رومي بنيادي طور تي هڪ وڏو عالم هو، شمس تبريز ۽ رومي وچ ۾ تمام وڏو تعلق هو. هن چيو ته عشق…

لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن تي رومي هال ۾ موسيقي جي واڌ ويجهه جي حوالي  سيشن  جي ماڊريٽر سينيئر صحافي ناز سهتي  چيو ته سنڌ ۾ موسيقي جي سکيا جو وڏو ادارو سمپا قائم ٿيو آهي، جنهن مان راڳ ۽ موسيقي جي سکيا جي حوالي سان نوجوانن کي گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن،

 نامياري اديب ۽ موسيقي جي ڄاڻ نصير مرزا چيو ته موسيقي کي بچائڻ واري وڏي هستي حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي آهي پر موسيقي جو اهو ادارو به صرف فقيرن تائين محدود رهيو.

نامياري گائيڪ مظهر علي چيو ته ميوزڪ فائن آرٽس جي شعبي جي ماءُ آهي پر سنڌ ۾ موسيقي جي خانداني ادارن جي سرپرستي نه ٿي، جنهن سبب اهي ادارا موسيقي جي سکيا جا عام ادارا بڻجي نه سگهيا.

نامياري صحافي ۽ شاعر اشفاق آذر جي ڪتاب ”عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي“ تي ويهڪ ٿي، ماڊريٽر ياسر قاضي  چيو ته  اشفاق آذر هڪ بنهه سريلو شاعر آهي.

نامياري شاعر آڪاش انصاري چيو ته اشفاق آذر هڪ سريلو شاعري آهي جنهن پنهنجي شاعري زمانن کان لڪائي رکي هئي ۽ ڪنهن فڪري غار ۾ لڪو ويٺو هو.

 نامياري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا چيو ته اشفاق آذر جي شاعري جو مجموعو شهري مجموعن ۾ گلاب جي گل جيان ٽڙيو آهي

سينيئر صحافي دودي چانڊئي اشفاق آذر جي ڪتاب ۽ سندس شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته اشفاق آذر جيتوڻيڪ گهڻي وقت کان شاعري ڪندو رهيو آهي پر هن پنهنجي شاعري 7 پڙن ۾ لڪائي رکي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: بدين ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪهڙا ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ؟ چيئرمين ڪيو ڪهڙو اعلان؟

   بدين ضلعي ڪائونسل جو اجلاس وائيس چيئرمين حاجي الھڏنو چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے