18 جمعہ , جنوری 2019

دير بالا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ شديد برفباري، مسافرن لاءِ ڪنٽرول روم قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪٿي برسات ته ڪٿي وري شديد برفباري جو راڄ آهي، جنهن سان سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، ڪاغان ۾ برفباريءَ جو 15 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. دير بالا ۾ لواري ٽنل جي چوڌاري شديد برفباري ٿي جتي ضلعي انتظاميه مسافرن جي سهولت لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي.  گذريل رات مري ۾ برفباري سبب رستا بند ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي سياحن رات گاڏين ۾ گذاري جڏهن ته ايبٽ آباد، مانسهره، ناران، ڪاغان، شوگران جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به برفباري ٿي. اسلام آباد جي علائقي شاهه الله دتي ۾ به برفباري ٿي جڏهن ته ساهيوال ۽ سيالڪوٽ ۾ برسات ٿي جنهن سبب سرديءَ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. شديد ڪوهيڙي سبب موٽروي ايم ون پشاور کان رشڪئي تائين بند ٿي ويو آهي جڏهن ته چيچا وطني، ميان چنون، خانيوال، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد ۾ به ڪوهيڙو ڇانيل آهي.  ٻئي طرف ڪوهيڙي ۾ گهٽتائي بعد پنڊي ڀٽيان، فيصل آباد، گوجره موٽروي سيڪشن کوليو ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾  ڪاٽو 8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوئيتا ٻڙي، پشاور 4، لاهور ۽ ملتان 7، اسلام آباد 8 ۽ ڪراچيءَ ۾ 15 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪاغان ۾ برفباري جو 15 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. ڪاغان جي مختلف هنڌن تي شوگران، ڀونجا ۽ ناران ۾ چار فوٽ کان وڌيڪ برفباري ٿي آهي جنهن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، جڏهن ته گرمي پد ڪاٽو 7 تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي. شديد ترڪڻ سبب شاهراهه ريشم سميت ڪيترن ئي روڊن تي ٽريفڪ جي رواني معطل آهي جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي 14 ڪلاڪ بند آهي. ملڪه ڪوهسار مري ۾ به برفباري سبب اڪثر روڊ بند ٿي ويا آهن ۽ شديد ٽريفڪ جام آهي جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن ۽ سياح ڦاسي پيا آهن. مري انتطاميه سياحن کي ٽول پلازه، جهيڪا گلي ۽ لوهر ٽپا تان ئي واپس موڪلڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے