22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: مسو ڀرڳڙي:سنڌ سرڪارڪٿي گم..؟؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ ايڊز وگهي فوت ٿيلن جي وارثن وٽ پهتا

*مسو ڀرڳڙي  ويجهو تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف علائقن ڳوٺن   ۾ ايڊز وگهي فوت ٿيلن جي وارثن وٽ نيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ پهچي ويو .

  ڳوٺ ٽنڊوسعيد خان ،ڳوٺ شادي خان لغاري  پهتا  ۾ حليم عادل شيخ  پورهيت نور محمد لغاري جي پٽ علي نواز لغاري , مسمات شهزادي سيال ۽ زينب کوسو جي ايڊز وگهي وفات تي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ساڻس ايم پي اي دعا ڀٽو،پي ٽي آ حيدرآباد ڊويزن جي صدر حاجي خاوند بخش جهيجو،حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ عمران قريشي پي ٽي آءِ  اڳواڻ ولي محمد  لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ  گڏ هئا.

 مسو ڀرڳڙي  پريس ڪانفرنس ڪندي  حليم عادل شيخ چيو ته صحت کاتي سنڌ طرفان  صحت ۾ ايمرجنسي واريون  دعوائون سڀ ڪوڙ يون آهن هتي علائقي جو دورو  ڪرڻ بعد  خبر پئي ته  هتي ماڻهون ايڊز سبب مري رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ان جا وزير ٻڌائن ته ايڊز لاءِ صحت کاتي پاران رکيل 96 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا.  هن چيو ته هتي 6 ڄڻا ايڊز وگهي فوت ٿي چڪا آھن جڏهن ته 200 ماڻهون ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن ………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے