21 جمعرات , فروری 2019

رپورٽ: پٿورو: علائقي ۾ ميت کي غسل ڏيڻ جو پاڻي بھ ناهي:حليم عادل شيخ

*پٿوري ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ   حليم عادل شيخ پٿوري جي مختلف شاخن جو دورو ڪري آبادگارن جون شڪايتون ٻڌيون، سھراب شاخ، کاھي شاخ ۽سعيدڪي شاخ جي سوين آبادگارن حليم عادل شيخ سان آبپاشي عملدارن جي شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا.

 ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالھائيندي  چيو ته ٻڏي مرڻ جو مقام آھي جو علائقي ۾ مسڪين ماڻھن وٽ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي ناھي ھتي جي ماڻھن جا لڙڪ ڏسي سخت تڪليف پهتي آهي .

هن چيو ته پ پ سرڪار مسڪين ماڻهن کي بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي پر پي ٽي آءِ هاڻي سنڌ واسين جي اهنجن جو علاج ڪندي.

 هن چيو ته جلد سنڌ واسين کي بک ۽ بدحالي ۾ مبتلا ڪندڙ پنهنجي ٽولي سميت جيلن ۾ هوندا .

 هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ اوسين کي سکيو ستابو بڻائي ڏيکاريندي …………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :جھڏو: آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سراج دراني جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

جھڏي ۾ آل سنڌي پٺاڻ يوٿ آرگنائيزيشن پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے