22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: نوابشاھ: جسقم پاران ڪارڪنن کي کنڀڻ ۽ سسئي لوھار جي گهر تي چڙهائي خلاف احتجاج

*نوابشاھ  ۾  جسقم پاران  ڪارڪن قاسم سومري  کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ سسئي لوھار ۽ سورٺ لوھار جي گھر تي چڙھائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن  سرفراز ميمڻ،  علي رضا خاصخيلي ،  منير ابڙي،  ناصر شاهه  ۽ ٻين جي اڳواني ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ سائين  جي ايم سيد جي سالگرھ  ويجهو ايندي ئي ڪارڪنن کي کنڀڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

هنن چيو تھ  گذريل رات سڪرنڊ  مان جسقم اڳواڻ  قاسم سومري کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن  چيو تھ ڪراچي ۾ سسئي لوھار ۽ سورٺ لوھار جي گھر تي چڙھائي ڪري کين هيسايو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

 هنن وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو تھ  جسقم جي کنڀي گم ڪيل ڪارڪن قاسم سومري  کي آزاد ڪري  نياڻين کي هيسائڻ بند ڪيو وڇي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڳڙھي ياسين: نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل

ڳڙھي ياسين ڀرسان نئون ڳوٺ ککراڻي هن جديد دور ۾ بھ بنيادي سهولت کان وانجهيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے