22 جمعہ , فروری 2019

خان صاحب! چين کان ڪجهه سکو به…

زاهد حسين

عمران خان  غربت جي ليڪَ کان هيٺ زندگي گذاريندڙ پنهنجي عوام کي غربت مان نجات ڏياريندڙ چين کان ۽ چين جي هاڻوڪي قيادت کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ سندس خواهش آهي ته هو پاڪستان ۾ به اهڙي قسم جو معجزو ڪري ڏيکاري، عمران خان جي اهڙي سوچ جس لهڻي هو ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر جتي به تقرير ڪندو آهي اتي سندس تقرير ۾ چين جي تعريف نه هُجي ته ائين ممڪن ناهي، چين هڪ اڀرندڙ سپر پاور آهي ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. چين جي حوالي سان جڏهن به وزير اعظم ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته ان ۾ هو تمام گهڻو پرجوش هوندو آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته کيس ان ڳالهه جو فهم بلڪل به نه آهي ته چين ۾ اهڙي قسم جي تبديلي ڪيئن آئي آهي. چين ۾ آيل اهڙي تبديلي پنهنجي اندر ۾ هڪ زبردست تاريخ ۽ جدوجهد رکي ٿي ۽ چين جهڙي نموني پنهنجي ملڪ ۾ غربت ۾ ڪمي آندي آهي اهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي.

ٻي دنيا لاءِ شايد چين جهڙي معاشي خوشحاليءَجي خواب کي ساڀيا ڪرڻ ممڪن نه هُجي، تنهن هوندي به هو چين جي ”گريٽ ليپ فارورڊ “هڪ عظيم بُل“ مان سبق ضرور حاصل ڪري سگهن ٿا. چين جي آبادي دنيا جي مجموعي  آباديءَ جي پنجين حصي جي برابر آهي، چين جهڙي ملڪ ۾ غربت جي خاتمي سميت ٻيون ڪيئي سماج دوست سماجي تبديليون هوند نه اچي سگهن ها جيڪڏهن چين ۾ 1949ع وارو سوشلٽ انقالب نه اچي ها، جنهن چين جي رجعت پرست، ۽ پراڻي ۽ انسان دشمن سماجي ڍانچي کي مڪمل طور تي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو.چين ۾ اهڙي انقلاب بعد ئي ٻين ڪيئي انقلابين لاءِ رستا هموار ٿيا جيڪي مجموعي طور تي چين کي معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي منزل ڏانهن وٺي ويا. چين 1978ع ۾ کليل در جي پاليسي اختيار ڪرڻ بعد دنيا لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏيا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته چين پنهنجي مجموعي اقتصادي اوسر ۾ ساليانو 9.5 سيڪڙو جي حساب سان واڌ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. اهڙي طريقي سان گذريل چئن ڏهاڪن ۾ چين پنهنجي معاشي ۽ اقتصادي اوسر جي شرح وڃي 35- سيڪڙو تائين پهچائي دنيا ۾ اهڙي قسم جي اقتصادي ترقيءَ جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. اهڙي ترقي سواءِ ڪنهن عظيم ويچار، سياسي استحڪام ۽ انتهائي سرگرم قيادت جي هجڻ کان سواءِ ملڻ مشڪل آهي.

1949ع جو سوشلسٽ انقلاب جن ماڻهن آندو انهن ۾ ڊينگ زيائو پنگ پڻ شامل هو ۽ بعد ۾ هُن 1978ع ۾ چين جي معيشت کي ترقي ڏيڻ لاءِ کليل در جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ چين کي هڪ جديد ۽ ترقي يافته معيشت ڏني، ڊينگ زيائو پنگ جي اقتصادي پاليسين جي ڪري ئي اڄ چين هڪ انتهائي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڊينگ زيائو پنگ جي وفات بعد 1980ع کان چيني قيادت سندس ڏنل معاشي نظرئي جي روشنيءَ ۾ ئي ملڪ جون اقتصادي ۽ سياسي پاليسيون جوڙڻ جون عمل جاري رکيو.

ڊينگ زيائون پنگ جي نظر ۾ اهڙا ٽي اصول آهن جن جي بنياد تي اوهان اهو طئي ڪري سگهو ٿا ته جوڙيل اقتصادي ۽ سياسي نظام ۽ پاليسِون ڪنهن ملڪ لاءِ فائدي مند آهن يا نه، انهن ٽن نقطن جي لاڳو ڪرڻ بعد اوهان کي اهو اندزو ٿيڻ گهرجي ته اوهان جو جوڙيل سياسي نظام ۽ اقتصادي پاليسي عوام جي معيار زندگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي رهيا آهن يا نه. جيڪڏهن ڪارگر ثابت ٿي رهيا آهن ته سمجهڻ اهو گهرجي ته اهي ٽئي نقطا ڪنهن به ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ بهتر آهن.

چين 1980ع بعد هڪ غير معمولي اقتصادي ترقي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي سماجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، چين جي کليل در واري پاليسيءَ بعد ئي چين جي عوام جي معاشي ترقيءَ ۽ سماجي زندگيءَ ۾ بهتريءَ آئي آهي. چين جي اقتصادي ترقيءَ ۾ جن ٻين عنصرن ۽ پاليسين مدد ڪئي آهي اهي آهن تعليم ۽ آباديءَ تي ضابطو آڻڻ اهو ئي سبب آهي جو چين تعليم آباديءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ تمام وڏي سرمائيڪاري پڻ ڪئي آهي.

چين گذريل چئن ڏهاڪن کان وٺي ”هڪ ڪٽنب هڪ ٻار“ جي پاليسي اختيار ڪري رکي هئي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل پڻ ڪندو رهيو، جنهن جي ڪري چين جي معيشت ۽ سماجي ترقيءَ تي بهتر اثر پيا، ۽ هاڻي چئن ڏهاڪن بعد چين اهڙي قسم جي پاليسيءَ ۾ ڪافي نرمي ڪئي آهي ته جيئن ايندڙ معاشي چيلينجن کي منهن ڏئي سگهجي.

چين جي قيادت جي حوالي سان اها ڳالهه سٺو سنوڻ آهي ته چين جو هر ايندڙ اڳواڻ اها ڳالهه مڃيندو رهيو آهي ته ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ۽ سياسي استحڪام جو هڪ ٻئي سان انتهائي گهرو تعلق آهي. چين جي قيادت جتي پنهنجو ڌيان توجهه ملڪ جي اقتصاديات کي مضبوط بنائڻ تي ڪيو، اتي چين جي قيادت پاڻ کي ڪيئي اندرين ۽ ٻاهرين تڪرارن کان پري رکيو، ايتري قدر جو چين کي ڪافي موقعن تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي تنهن هوندي به چين پاڻ کي ڪنهن به تڪرار  جو حصو نه بڻايو. چين هڪ سپر پاور هجڻ جي باوجود پنهنجو پاڻ کي انتهائي لو پروفائل ملڪ طور پيش ڪيو جيڪا سندس سياسي پاليسيءَ جي ڪاميابي آهي.

وزير اعظم عمران خان جڏهن اهو چوي ٿو ته هو چين کان سمجهڻ گهري ٿو ته کيس سڀ کان پهريان اهو سمجهڻ گهرجي ته چين کي سمجهڻ لاءِ وٽس هڪ اعلى ويزن ۽ سخت فيصلا ڪرڻ جي سگهه هجڻ ضروري آهي. اها هڪ انتهائي سرهائي جي ڳالهه آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ انساني ترقيءَ کي بنياد بڻائي اڳتي وڌي رهي آهي، پر ماڻهن جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ جو دارو مدار سياسي استحڪام ۽ اقتصادي ترقيءَ تي مدار رکي ٿو، رڳو ٺلهن نعرن سان ملڪ جي نه ته معيشت کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي ۽ نه ئي عوام جي معيار زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

پاڪستان جو سياسي نظام چين جي سياسي نظام کان تمام گهڻو مختلف آهي ۽ وري پاڪستان ڪنهن انقلابي پارٽيءَ جي هٿ ۾ به نه آهي تنهن هوندي به ملڪ ۾ چند انقلابي تبديليون آڻڻ ۽ اقتصادي سڌارا ڪرڻ انتهائي ضروري آهن، ان کان سواءِ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي ۾ به تبدليءَ جي انتهائي ضرورت آهي ڇو جو انهن جي تبديليءَ کان سواءِ ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. عمران خان جيتوڻيڪ تبديليءَ لاءِ هڪ اعلى خيال رکي ٿو تنهن هوندي به هن وقت پي ٽيءِ آءِ هڪ اهڙي جماعت آهي جيڪا تبديليءَ جو خيال ته رکي ٿي پر وٽس تبديليءَ جي ڪا حڪمت عملي ئي نه آهي.

پي ٽي آءِ کي حڪومت ملئي پنج مهينا ٿيا آهن پر انهن پنهنجن مهينن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪنهن واضع رستي جو تعين به ڪري نه سگهي آهي جنهن مان مجموعي طور تي ملڪ جي اندروني ناڪامي ظاهر ٿي رهي آهي. هڪ طرف پي ٽي آءِ ڪنهن سياسي ۽ اقتصادي وزين کان سواءِ حڪومت ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪ ۾ موجود غير يقينيءَ واري صورتحال وري نظام ۾ خرابي پيدا ڪري رهي آهي.

ملڪ ۾ موجوده سياسي چڪتاڻ واري ماحول ۾ ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ملڪ جي معيشت کي پڻ پنهنجن پيرن تي بيهاري نه ٿو سگهجي. دوست ملڪن جي مالي سڪهار سان ملڪ موجوده اقتصادي بحران مان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب عمارتن پاران مليل اقتصادي پيڪيجز کي سفارتي ڪاميابي ڄاڻائڻ انتهائي شرم جوڳو آهي. ڪنهن به واضع ويزن نه هجڻ ڪري دوست ملڪن کان جيڪي به رليف پيڪيج ملي رهيا آهن اهي مجموعي طور تي وري به واجبات جي مد ۾ اچي ويندا ۽ معيشت کي وڌيڪ تباهيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيندا.

ملڪ ۾ جاري ڪرپشن هڪ اهم ترين اشو آهي پر لڳي ائين ٿو ته حڪومت رڳو انهيءَ نقطي کي پنهنجي سياسي پاليسيءَ جو مرڪزي نقطو بڻائي ڇڏيو آهي، عمران جي اهڙي دعو ى ته ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي بدحاليءَ جو بنيادي سبب ڪرپشن ئي آهي، حقيقتن جي ڪافي ابتڙ آهي. عمران خان جي اهڙي بي معنيٰ مهم جي ڪري ملڪ ۾ اقتصادي حالتون ته بهتر ٿيندي نظر نه ٿيون اچن پر اهو به مشڪل لڳي رهيو آهي ته انهن جي ڪري ڪي اقتصادي اصلاحات به ڪري سگهجن ٿا.

عمران خان چين مان ڪرپشن جي خاتمي متعلق اڪثر ڪري مثال ڏيندو رهندو آهي پر هو شايد اهو وساري ٿو ويهي ته چين ڪرپشن جي خلاف جيڪي به ڪارروايون ڪيون آهن اهي معيشت کي مظبوط ڪرڻ بعد ئي ڪيون آهن، اهو سکڻ بجاءِ ته چين مختصر عرصي ۾ ڪهڙي نموني پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي عمران خان فقط چين جي معاشي ترقيءَ متعلق سطحي مثال ۽ حوالا ئي ڏيندو رهيو آهي.

پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ جي زوال جو هڪ بنيادي سبب هڪ ”سگهاري ويزن“ جو نه هجڻ پڻ آهي. ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسان هتي چين جي ماڊل کي لاڳو نه ٿا ڪري سگهون جو چين جو سياسي نظام پاڪستان جي سياسي نظام کان تمام گهڻو مختلف آهي پر اسان گهٽ ۾ گهٽ ان جي ڪاميابيءَ مان سبق ته حاصل ڪري ٿا سگهون. عمران خان چين ۾ غربت جي خاتمي کان تمام گهڻو متاثر آهي پر کيس ان ڏس ۾ اهو سکڻو پوندو ته سواءِ اقتصادي سڌارن ۽ معاشي ترقيءَ کان سواءِ غربت جو خاتمو ناممڪن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے