18 جمعہ , جنوری 2019

قرضن جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن، حڪومت مان هڪ نوڪري جي اميد نه ڪرڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته چئن مهينن دوران قرض وٺڻ جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا،  ماڻهو سمجهندا هئا ته قرض کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌندو، چوندا هئا ته قرض وٺڻ بدران آپگهات ڪنداسين. سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان سياستدان اليڪشن ۾ اچي وڏيون دعوائون ڪري ويندا آهيون،  ذات ۽ برادري جي چڪر ۾ ڪردار ڏسڻ کانسواءِ نمائندن کي ووٽ ڏنو ويندو آهي، عوام موجوده حڪومت مان هڪ نوڪري جي اميد نه ڪري، نوجوانن کي روزگار جي نالي تي دوکو ڏنو ويو، مخالف ڌر ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ حڪومت سان گڏ آهي.  هن چيو ته مخالف ڌر ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ لاءِ حڪومت سان گڏ آهي، ڪجهه نه ڪرڻ ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن سان دوکو آهي.  سندس چوڻ هو ته پ پ چئن آمرن سان مقابلو ڪري هتي پهتي آهي، ڪڏهن ڪنهن پارٽي کان پڇا نه ڪئي ته سندس تعلق ڪهڙي پارٽي سان آهي. خورشيد شاهه چيو ته  هوندي آهي ته پنهنجي عوام جي وڌ کان وڌي خدمت ڪري سگهان، پ پ کي پوءِ به عوام جي روزگار جو درد هوندو آهي.  هن چيو ته زندگي جو اصول بڻائي ڇڏيو آهي ته شڪايت، منافقت ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻو آهي،  وزيراعظم چيو ته هر اربع تي اچي پارليامينٽ ۾ جواب ڏيندو پنج مهينا گذرڻ باوجود  وزيراعظم پارليامينٽ ۾ نه آيو آهي، عمران خان هر صورت ۾ عليما خان جي ملڪيتن جي وضاحت ڏيڻي پوندي. خورشيد شاهه چيو ته 2008ع ۾ جڏهن ٻار پيدا ٿيو ته سندس ڪن ۾ ٻڌايو ويو ته هو 72 هزار رپين جو قرضي آهي، 2013ع ۾ پيدا ٿيل ٻار کي ٻڌايو ويو ته هڪ لک 25 هزار رپين جو قرضي آهي، 2017 ۾ پيدا ٿيل ٻار کي ڪن ۾ ٻڌايو ويوته هڪ لک 75 هزار رپين جو قرضي آهي.  هن چيو ته تون 30 پنچرن جي ڳالهه ڪئي، اسان کوليا ته 60 پنچر سامهون اچي ويندا، تڪ کولڻ لاءِ اڃا تائين ڪا ڪميٽي نه ٺهي آهي، اهڙي مئنڊيٽ باوجود اسا حڪومت کي دعوت ڏني، اچي ڪم ڪن، حڪومت کي رڳو هڪ ڳڻتي آهي ته قرض ورتا وڃن. پ پ اڳواڻ چيو ته بجلي، پئٽرول ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومت پڇڻ لاءِ تيار ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے