22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: پکو: لنگھه ڍنڍ تي جرمن کان سياحن جو وفد پهتل

*پکو ۾ واقع ايشيا جي خوبصورت لنگھه ڍنڍ تي پرڏيھي ناياب نسل جي پکين جي آمد ۽ ڍنڍ جي تاريخ متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ  جرمن کان سياحن جو وفد پهتل آهي.

پرڏيھي وفد ۾ شامل عورتن ۽ مرد سياحن حيبو موئين ، ڪيليسٽا ، ايلين ،  فارانا ،  مرزا نعيم بيگ ،  سعيد طارق جمال سميت ٻيا شامل آهن.

وفد  ناياب پکين،  آڙي ،  نيرڳو ، چيڪلو ۽ ٻين پکين جي ڍنڍ اندر رھڻي ڪھڻي تي ريسرچ پڻ ڪئي.

 پرڏيھي سياحن کي لنگهه ڍنڍ جي انچارج سڪندر علي کچي ڍنڍ جا مختلف حصا وزٽ ڪرايا ۽ ڍنڍ جي تاريخ ۽ جوڙيل ريسٽ ھائوس تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ آيل ٻاھرين ملڪن جي بادشاھن ۽ صفيرن جي آمد وقت تصويرن جي نمائش پڻ ڪرائي .

ان موقعي تي جرمن سياح عورت حيبو موئين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي ڍنڍن متعلق ڪتابن ۾ پڙھيو ھو پر اڄ سنڌ ۾ اچي ڍنڍن جي فطري حسن کي ڏسي ائين محسوس ٿي رھيو آھي ته ھوءَ سنڌ نه بلڪه يورپ جي ڪنھن سرسبز ڍنڍ تي موجود آھي.

هن چيو تھ  سرد موسم ۾ ناياب نسل جا پکي سائبيريا ،  روس ۽ جرمن ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ ڪري هتي  رھڻ اچن ٿا، هو  ھزارين ڪلوميٽر اڏام ڪري سنڌ جي ڍنڍن تي پھچن ٿا.

سندس چوڻ هو تھ پکين جي حفاظت لاءِ   جهنگلي جيوت کاتي سنڌ بهتر قدم کنيا آهن،  اھڙي ماحول ۾ پرديسي ناياب پکين جي واڌ ويجھه ۾ پڻ تيزي ايندي.

پرڏيھي جرمن سياح ڪيليسٽا ليمن چيو ته هو  ايشيا جون سڀ ڍنڍون گھمي چڪا آھن پر لنگھه ڍنڍ ايشيا جي ڍنڍن ۾ پکين جي رھائشگاھ جي لحاظ کان ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.

هن چيو تھ   لنگھه ڍنڍ جو علائقو پرديسي پکين جي رھائش لاءِ ھڪ محفوظ ۽ موزون علائقو آھي.

ڪيليسٽا ليمن چيو تھ شاھڪار ڍنڍن کي بچائڻ لاءِ  سنڌ سرڪار کي اڃا وڌيم بهتر قدم کڻڻ گهرجن، خاص ڪري ناياب پکين جي کاڌ خوراڪ جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن .

ھوڏانھن لنگھه ڍنڍ تي پھتل جرمن سياحن جي آمد جي حوالي سان سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ ڍنڍ طرف ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪيو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪوٽڙي: ماهرن ٽائفائڊ کي وڏي انساني المئي ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

*ڄامشورو جي  مھراڻ يونيورسڻي ۾   ڊاڪٽرن، ماحولياتي ماهرن ۽  محققن حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيل ٽائفائڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے