22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: نوابشاهه: شاهپورچاڪر ۾ گرامون فون تي پراڻا ۽ ناياب ريڪارڊ وڄائڻ جي محفل

*نوابشاهه ويجهو شاهپورچاڪر ۾  گرامون فون  تي پراڻا ۽ ناياب ريڪارڊ وڄائڻ جي محفل  ٿي جنهن ۾ سموري ملڪ مان جهونن موسيقي جي مداحن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بلوچستان،پنجاب،سنڌ جي پراڻي موسيقي سان چاهه رکندڙ شوقينن جي محفل ۾ ڪوئٽا واسي ماسٽر محمد يوسف رند مُني صدي اڳ 1936 ۾ حميده بيگم جي آواز ۾ ڳايل ناياب ۽ انمول گيت”اي عشق مون کي ڏيکار اهڙو ڪو آشيانو وڄائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

 گذريل 12 سالن کان ٿيندڙ هن نرالي   محفل ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل شوقين پنهنجي پسند جا گانا وڃائي محفل ۾ ويٺل حاضرين کان ڀرپور داد وصول ڪيو.

 لاهور واسي فياض اشعر فلم خاموش نگاهين جو محمد حسين ۽ دلشاد بيگم جي آواز ۾ ڳايل گيت ”آنکہوں میں چہپا لینگے“حب چوڪي کان آيل عمران بزنجو زهرا ٻائي جي  آواز ۾ فلم پرائي آگ جو گيت” اے دل جہاں میں تیرا کوئي ٹہکانہ نہیں“  ٻڌارائي خوب داد حاصل ڪيو.

ڪراچي واسي علي سولنگي سونا خان بلوچ جي آواز ۾ ڳايل گيت”ماڻا نه ڪر محبوب مٺا آھيان غلام تنهنجو“ وڄائي محفل کي مچايو ، هي محفل شام 7 وڳي کان ٻي صبح 7 وڳي تائين جاري رهي.

محفل  جي ميزبان  غلام نبي جهلڻ ٻڌايو ته  باذوق ۽ موسيقي جو شعور رکندڙ جو  هي پروگرام هرسال ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ 70کان 80 سال پراڻا ريڪارڊ ۽ ناياب ڪلام وڃايا وڃن ٿا

 هن چيو ته هي اصل موسيقي  آهي جنهن کي ٻڌڻ سان روح کي راحت ملندي آهي ۽ هي شوق رکندڙ حساس،ٻين جو خيال رکڻ وارو ۽ محبتي هوندو آهي ڇو جو هن موسيقي جو تعلق دل سان آهي.

 پنجاب جي شهر لاهور سان تعلق رکندڙ  فياض اشعر چيو  ته  موسيقي بابت ٻڌايو  ته الله سائين جيڪي به شيون دنيا جهان ۾ تخليق ڪيون آهن ان ۾ فنون لطيفه جا انگ،مصوري،ناچ،رقص سڀ ڪجهه ان ۾ اچي وڃي ٿو پر موسيقي جو هڪ پنهنجو الڳ مقام ۽ درجو آهي ۽ جيڪڏهن هن جو وجود نه هجي ته ماڻهو چريا ٿي وڃن ها.

،خضدار مان هن محفل ۾ شرڪت ڪندڙ قاضي شعيب ٻڌايو ته موسيقي ۾ نوجوان ٽهي جو هن پاسي لاڙو انهي ڪري ناهي ته هنن کي هن پاسي  واقف هي ناهي ڪيو ويو موسيقي جي دنيا ۾ غير معياري شاعري،موسيقي جو طوفان آيو جنهن سبب نئون نسل ان کي قبول ڪرڻ لڳو.

 هي پروگرام ريڊيو سيلون سريلنڪا جي سالگره طور ملهايو ويندو آهي پروگرام دوران ريڊيو سيلون  تان هن پروگرام  ۾ شرڪت ڪندڙ لاءِ پيغام پڻ نشر ڪيو ويندوآهي پوري ملڪ  ۾ صرف ٻن شهرن  بلوچستان جي شھر ڪوئٽه ۽ سنڌ ۾ صرف شاهپورچاڪر ۾ پراڻي موسيقي جو هي منفرد پروگرام ٿيندو آھي.

،ملڪ جي مختلف علائقن مان پهتل پراڻي موسيقي سان چاهه رکندڙن مطالبو ڪيو  ته  حڪومت هن قسم جي پروگرامن جي همت  افزائي ڪري جيئن سنجيده ، باذوق شاعري،موسيقي ۽ راڳ وسيلي بهتر ۽ سنجيده معاشري جي تڪميل عمل ۾ اچي سگهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے