16 ہفتہ , فروری 2019

رپورٽ: ڪنڌڪوٽ:پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪهڙن سببن ڪري منظور نھ ٿي، ڏسو هن رپورٽ ۾

*ڪنڌڪوٽ ۾  يوٿ فورم طرفان  شهر ۾ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج منظور ڪرائڻ لاءِ گهنٽاگهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .

شهرين ۽ سماجي ڪارڪنن  رحيم کوسو،عرفان کوسو،فداحسين مهمداڻي،شفيق عباس،اسماعيل سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي منظوري لاءِ سخت احتجاج ڪيو .

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ 14 لک آبادي وارو ضلعو هجڻ باوجود هنري سکيا جو ڪو وڏو ادارو نه هجڻ ڪري نوجوان هنري تعليم کان محروم آهن جڏهن ته صنعتي شعبن لاءِ 80سيڪڙو هنري تعليم جي ماهرن جي گهرج هوندي آهي.

 هنن  چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ وڏيون صنعتون قائم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي

 اڳواڻن  مطالبو  ڪيو ته  جلد کان جلد پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج منظور ڪري نوجوانن جي مستقبل کي روشن ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  جدوجهد جاري رهندي……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

ڀرياسٽي: نيٺ سماجي اڳواڻ قربان علي چانڊيو جي سار ڪير لهندو؟؟

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے