18 جمعہ , جنوری 2019

ڀارتي اسپنر امباتي رائيڊو جو بالنگ ايڪشن رپورٽ

Ambati Rayudu reported for suspect bowling actionسڊني ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي پارٽ ٽائيم اسپنر امباتي رائيڊو جي بالنگ ايڪشن کي شڪي قرار ڏنو ويو  آهي. آسٽريليا خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آف اسپنر امباتي رائيڊو جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو هو. 33 ورهين جي رائيڊو کي 14 ڏينهن اندر پنهنجي بالنگ ايڪشن جو باظابطا ٽيسٽ ڪرائڻو پوندو، جڏهن بالنگ ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ تائين هو بالنگ ڪرائڻ جي اهل هوندو.  ياد رهي ته امباتي رائيڊو آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ۾ 2 اوور ڪيرائي هئا جنهن ۾ هن ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪئي هئي.  پارٽ ٽائيم اسپنر امباتي رائيڊو ڀارت طرفان هن وقت تائين 46 هن ڏينهن وارين ميچون کيڏي چڪو آهي هن 9 ميچن ۾ بالنگ ڪئي ۽ هن وقت تائين هو ون ڊي ڪيريئر ۾ رڳو 3 وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے