18 جمعہ , جنوری 2019

ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي جو مختصر جائزو: رپورٽ

جوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) بيٽنگ لائن جي ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کي ٽيسٽ سيريز ۾ لڳاتار ٽئين شڪست جو خطرو آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا سيريز ۾ وائٽ واش ڏانهن وڌي رهيو آهي.  2013ع کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کي لڳاتار ٻئين سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا هٿان ڪلين سوئيپ جو امڪان آهي.  ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان تجربيڪار بيٽسمين ۽ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ اظهر علي ۽ اسد شفيق جي ڪارڪردگي سوليا نشان بڻيل رهي آهي ۽ ٻنهي جي ڪارڪردگي سندس مستقبل بابت ڪيئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.  سيريز ۾ بيٽنگ لائن جي ڪارڪردگي بيٽسمين جون ٽيڪنيڪل خاميون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ ساڍن چئن ورهين کان بيٽنگ ڪوچ رهندڙ گرانٽ فلاور جي اهليت تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن.  33 ورهين جي اظهر علي پنهنجي 73 هين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. ٻي ميچ ۾ هن لڳاتار بنا کاتو کولڻ جي پنهنجي وڪيٽ وڃائي، اظهر علي هاڻوڪي سيريز ۾ رڳو 44 رنسون ٺاهي سگهيو آهي ۽ سندس سڀ کان بهترين اسڪور 36 رنسون آهي. 15 سينچرين جي مدد سان ساڍن پنجن هزارن کان مٿي رنسون ٺاهيندڙ اظهر علي بائونسي وڪيٽن ۽ فاسٽ بالرن خلاف ناڪام ثابت ٿيو آهي. ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ 88 رنسن ٺاهيندڙ اسد شفيق به ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. 32 ورهين جي اسد شفيق 69 ٽيسٽ ميچن جو تجربو رکي ٿو، پر هو ٽن ميچن جي پنجن اننگزن ۾ 121 رنسون ٺاهي سگهيو آهي. ٽيسٽ سيريز ۾ بيٽسمين مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن. بابر اعظم سيريز ۾ ٻه سئو رنسون 44 جي ايوريج سان ٺاهي سڀني کان کان ڪامياب رهيو آهي، شان مسعود 191 رنسون ٺاهيون آهن. ڪپتان سرفراز احمد ٻن اڌ سينچرين جي مدد سان 112 رنسون ٺاهيون آهن. فخر زمان ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ رڳو 32 رنسون ٺاهيون آهن. جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ڪپتان رڳو 38 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. اها ڪنهن به پاڪستاني ڪپتان جي ٽئين تيز ترين اڌ سينچري هئي. 2014ع ۾ ابوظهبي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز خلاف ليجنڊري پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق تيز ترين 50 رنسون رڳو 21 بالن اسڪور ڪيون هيون.  وسيم اڪرم کي پاڪستان لاءِ آسٽريليا خلاف 35 بالن تي ففٽي مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. ٽئين ٽيسٽ ۾ سرفراز احمد جي آئوٽ ٿيندي ئي پاڪستان جون آخري پنج وڪيٽون 16 رنسن تي ڪري پيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے