19 ہفتہ , جنوری 2019

سنڌ جو دورو ضرور ڪندس، ڪير به روڪي نٿو سگهي: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گذريل حڪومت طرفان ڏنل بجيٽ ڪوڙي هئي، هاڻ اصلي بجيٽ اچي رهي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته قوم جون نظرون وزيراعظم عمران خان تي آهن، 23 جنوري تي بجيٽ پيش ڪنداسين، جنهن ۾ روشن ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد رکيو ويندو. ن ليگ صدر شهباز شريف جي ٽرائل تي ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ جيلن اندر ٽرائل ٿيندا رهيا پر هاڻ ٽرائل جوابدارن جي مرضي سان ٿي رهيا آهن، نواز شريف کي ٽرائل دوران لنڊن وڃڻ جي اجازت به ڏني وئي هئي، جڏهن ته شهباز شريف ٽرائل دوران پنهنجي گهر ۾ ئي قيد آهي ۽ جڏهن نيب کي کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻي هوندي آهي ته شهباز شريف انهن کي پنهنجي گهر ئي گهرائي وٺندو آهي. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪراچي وڃڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، سنڌ جو دورو ضرور ڪندس، تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ڪنهن سياسي چئلينج کي منهن نه ڏئي رهي آهي، ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پاڻ پنهنجون قبرون کوٽيون. فواد چوڌري چيو ته رياست اندر برداشت ۽ انصاف هجڻ گهرجي، حڪومت عوام جي اميدن تي پوري لهندي، 66 ملڪن سان ويزا پاليسي ۾ نرمي جو معاهدو ڪيا پيو وڃي. اڳوڻي آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر جي بيان تي تبصرو ڪندي وفاقي وزير چيو ته کيس خبر ناهي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے