20 ہفتہ , اپریل 2019

پوليس جي موجودگيءَ ۾ فريادي هٿان جوابدار ڪيئن ٿيو قتل؟ ڏسو ڇرڪائيندڙ خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پوليس موبائل ۾ ويهي جوابدار جي نشاندهي لاءِ ايندڙ فريادي پوليس سامهون ئي گهربل شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. فريادي سهيل مغل پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئرن جي آزادي لاءِ عدالتي حڪم کڻي درخشان ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او راجا تنوير سان گڏ موبائل ۾ ويهي بهادر آباد جي علائقي شرف آباد ۾ رهندڙ منور علي جي رهائشگاهه تي آيو هو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول منور علي کي عدالتي حڪم تي گرفتار ڪرڻو هو پر سهيل مغل پوليس موبائل مان نڪري مٿس گوليون وسائي ڏنيون، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو. پوليس موجب سهيل مغل کي گرفتار ڪري پسٽل ضبط ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار سهيل مغل خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته درخشان ٿاڻي جي اهلڪارن خلاف به مجرماڻي غفلت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن نيو ٽائون پوليس ايڊيشنل ايس ايڇ او درخشان سميت 4 اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے