18 جمعہ , جنوری 2019

پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ افسوسناڪ خبر سامهون اچي وئي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان ۾ ميچون کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ آسٽريليا کي مارچ ۾ 3 ون ڊي ميچون کيڏڻ جي دعوت ڏني هئي. ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي چاهيون ٿا پر ٽيم جو دورو ممڪن ناهي، اسان لاءِ رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف جي سيڪيورٽي سڀ کان اهم آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي انڪار کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ هاڻ 5 ئي ون ڊي ميچون دبئي ۾ کيڏيون وينديون. واضح رهي ته آسٽريليا آخري ڀيرو 1998 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے