18 جمعہ , جنوری 2019

جوهانسبرگ ٽيسٽ: پاڪستان کي وائيٽ واش کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 288 رنسون گهربل، 7 وڪيٽون باقي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 381 رنسن جي ٽارگيٽ پويان پاڪستاني ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 228، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن جي ضرورت آهي. آخري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ميزبان ٽيم 303 رنسن تي آئوٽ ٿيندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 381 رنسن جو هدف ڏنو. پروٽيز طرفان ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 129 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ شاداب خان ۽ فهيم اشرف 3-3، محمد عامر 2، جڏهن ته محمد عباس ۽ حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي 67 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي پر امام الحق 35 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ ڊيل اسٽين جو شڪار ٿي ويو، ان کانپوءِ اسٽين 37 رنسون ٺاهيندڙ شان مسعود کي به پويلين موٽائي ڇڏيو. اظهر علي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 15 رنسون ٺاهي اوليور کي وڪيٽ ڏئي ويٺو. ان موقعي تي اسد شفيق ۽ بابر اعظم مزاحمت ڪندي ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ٽيم کي وڌيڪ ڪنهن نقصان کان بچائي ورتو. پاڪستان جو اسڪور 153 تي پهتو ته ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ جو اعلان ڪيو ويو. اسد شفيق 48 ۽ بابر اعظم 17 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيا. شاهينن کي وائيٽ واش کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 288 رنسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽون گهربل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے