18 جمعہ , جنوری 2019

بلاول ڀٽو زرداري جو جهاز رن وي تان لهي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جهاز رن وي تان لهي ويو، جڏهن ته بلاول سميت سمورا مسافر محفوظ رهيا. رپورٽن موجب واقعو بينظير ايئرپورٽ (پراڻو ايئرپورٽ) تي پيش آيو پر ڪنهن به قسم جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۽ پ پ چيئرمين سڀ سمورا مسافر محفوظ رهيا. جهاز لينڊنگ دوران تِرڪي پنهنجي مقرر جاءِ تان هٽي ويو ۽ رن وي کان نيٺ لهي ويو، جڏهن ته جهاز جي لينڊنگ وقت مينهن به وسي رهيو هو. جهاز لينڊنگ دوران رن وي کان 50 فوٽ پري هيٺ لهي ويو. واقعو جهاز جي هائيڊرولڪ بريڪ خراب ٿيڻ سبب پيش آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے