18 جمعہ , جنوری 2019

سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ظلم بند ڪرايو وڃي: اڳواڻ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءِ لاءِ جدوجهد ڪندڙ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي ڪنوينر ۽ کنڀي گم ڪيل هدايت لوهار جي نياڻي سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس ڀاءُ سنگهار لوهار کي کنڀڻ جي ڪوشش ۽ عورتن تي تشدد خلاف سياسي سماجي ڌرين مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا،ڪراچي پريس ڪلب آڏو سياسي سماجي اڳواڻن اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ڪامريڊ شبير راڄپر، سارنگ جويو، ھاشم کوسو، رزاق شر، نواز ڦل، اجمل مھيشوري، سورٺ لوھار، سسئي لوھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، سچل ڳوٺ ۾سنڌ عورت تحريڪ جي سڏ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سلمي جوڻيجو، هاشم کوسو، افروز ڪٽپر، عرفان چانڊيو، امير آزاد پنهور، سورٺ لوهار، سسئي لوهار، صغير کٽياڻ، نور ڏاهري، نور محمد چانڊيو، سعيد سنڌي ۽ ٻين ڪئي، ملير ۾آفتاب شاهه، مختيار سومرو، سعيد ساگر گاڏهي،رشيد کوسو، ادل سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جيئن ئي قومپرست پارٽين جا ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا اولڊ ڪيمپس تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ته کين روڪڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن زباني طور ريلي نه ڪڍڻ لاءِ چيو، پر ريلي نه ڪڍڻ واري زباني هدايتن باوجود قومپرست اڳواڻ، ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب پهتا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي مرڪزي اڳواڻ اسلم خيرپوري، جسم ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ اڪبر کوسو، فتاح چنا، سول سوسائٽي جي اڳواڻن پنهل ساريو، تاج مري، پروفيسر امداد چانڊيو، سنڌو امان چانڊيو، لطيف لغاري ۽ ٻين چيو ته سسئي لوهار سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ پرامن جدوجهد هلائي رهي آهي، پر گذريل ڏينهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سورٺ ۽ سسئي لوهار جي ڪراچي واري گهر تي چڙهائي ڪري سندن ڀاءُ سنگهار لوهار کي زوريءَ کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀاءُ کي ڇڏائڻ واري مزاحمت ڪرڻ تي سنڌ جي نياڻين کي تشدد جو نشانو بنايو ويو، جيڪو عمل بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي. ڄامشوري ۾محسن ملاح، ياسر مهر، راول ملاح، اين بي کوسو، زاهد ٻٻر، علي قريشي، خيرپور ۾فياض خميساڻي، وحيد خاصخيلي، ايڊوڪيٽ نور محمد تنيو، ذيشان منڱريو، علي زيب سوهو، ڊاڪٽر نذير احمد کوکر، قمبر ۾آزاد گل، نور سولنگي، نجم خاصخيلي، صالح لاشاري، شڪيل چانڊيو، وسيم علي، لالا سنڌي، عاشق، امام بخش، ڪنڌڪوٽ ۾نصيب الله کوسو، حفيظ مگسي، خالد کوسو، ڪوٽڙي ۾عبدالفتاح چنا، شمشاد ميڻو، يوسف سارنگ، ممتاز ڳورڙ، گولاڙچي ۾امير آزاد پنهور، محفوظ سنڌي، ابو نوحاڻي، جهڏي ۾ايو ب کوسو، اسحاق ساگر، سريش ڪمار، ممتاز کوسو، عابد انصاري، اشفاق لغاري، عباس کوسو، عرس پتافي، لکي غلام شاھه ۾غلام قادر مهر، هارون چنو، رحيمداد راهي، آزاد بخاري، نذيرسومرو، پڪا چانگ ۾الياس احمد، امتياز علي، اشتياق چانگ، ڪامريڊ خادم، جنيد چانگ، تصور باقي، آصف راهوجو، جهوڪ شريف ۾لالا ذوالفقار جتوئي، امر قادر جتوئي، اڪبر ڪنڀار، محبوب جلالاڻي، غلام حسين، ميرپور بٺوري ۾محمد خان شورو، عبدالغفور چانگ، ڪريم شورو، قادر بخش زئور،  ڊرٻ ميهر شاھه ۾ايم بي ٻٻر، ڪامريڊ ذوالفقار علي اڄڻ، واحد سنڌي، ڪامريڊ حبيب سنڌي ۽ ڀنگو بھڻ ۾عمران کنڊ، حاجي ديشي، شڪيل راڄپر، قدير راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گمشدگين خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾سنڌ جي نياڻين تي تشدد ڪيو پيو وڃي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪرايون وڃن، شھرين جي گھرن تي چڙھائي ڪري تشدد ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، وائيس آف مسنگ پرسن جي ڪنوينر سورٺ لوھار چيو ته اسان جي بابا ھدايت لوھار کي بنا ڪنھن ڏوھه جي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، انصاف جي ديوي جون اکيون ٻڌل آھن، اسان مٿان ٿيندڙ ظلم نظر نٿو اچي اسين دھشتگرد نه محب وطن شھري آھيون انساني حقن جون عالمي تنظيمون پيارن جي آزادي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.

چڙهائي جو انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وٺن: نواز زئور

بدين (ڊ ر) جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي چئرمين نواز خان زئور جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رھي آھي، ڪيتري وقت کان لاتعداد ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آھن، وائيس فار مسنگ پرسنز جي ڪنوينر سورٺ لوھار ۽ سسئي لوھار جي گھر تي چڙهائي ڪري گم ڪيل هدايت لوهار جي پٽ جي گرفتاري جي ڪوشش ان ڪري ڪئي وئي ته جيئن گم ٿيل ماڻھن جي آزادي لاءِ اٿندڙ آواز کي دٻائي سگھجي، هن چيو ته انساني حقن جو تنظيمون ,سول سوسائيٽي ڪردار ادا ڪري عدالتون نوٽيس وٺن.

سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي ۽ قاسم سومري کي کنڀڻ جي مذمت ڪيون ٿا: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد 115 هين سالگرھه سنڌ جي سياسي ۽ قومي مرڪز سن ۾ 17 جنوري 2019  تي قومي عيد طور ملهائي ويندي، جنهن جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، تنهن ڪري سنڌ ۽ سيد جي عاشقن کي 17 جنوري تي سن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سيد سالگرھه ۾گڏ ٿي امن پيار، اتحاد، آزادي ۽  رواداري جي فڪر تي  عمل ڪرڻ لاءِ وچن ورجائي، سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ حڪمت عملي جوڙي سياسي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو، هنن مرڪزي بيان ۾ جسقم سڪرنڊ جي سرگرم ڪارڪن قاسم سومرو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، هنن سنڌ جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ لوهار جي گهر تي چڙهائي جي به مذمت ڪئي.

احتجاج ثابت ڪيو ته سنڌ جون سورميون لاوارث ناهن: اسلم خيرپوري

ڪراچي : جئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري سينيئر وائيس امير آزاد پنهور، وائيس چيئرمين  ارباب ڀيل جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته وائيس فار مسنگ پرسنز جي ڪنوير سورٺ لوهار،سسئي لوهار جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چڙهائي خلاف ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مختلف ضلعن ۾ قومي ڪارڪنن ۽ مختلف پارٽين احتجاج ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جون سورميون لاوارث ناهن، هنن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾رياست جو تصور ماءُ وارو هوندو آهي، پر هن رياست ۾ بندوق جي زور تي تي مظلوم قومن کي حراسان ڪري حقن کي دٻايو پيو وڃي، انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون روز جو معمول بڻيل آهن، سورٺ ۽ سسئي لوهار جي گهر تي رياستي ادارن چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقصدس پائمال ڪري سنڌ جي سورمين تي جبر، ڏاڍ ۽ تشدد ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا اهو به يقين ٿا ڏياريون  ته جسقم کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ وارثن جي مالڪي ڪندي رهندي، هنن انساني حقن جي عالمي تنظمين، گڏيل قومن کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌ ۾ ٿيندڙ رياستي جبر انساني حقن جي سنگين لتاڙ جي خلاف نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪيون ٿا.

سڪرنڊ مان جسقم اڳواڻ قاسم سومرو کنڀي گم، احتجاجي مظاهرا

نوابشاهه/سڪرنڊ/قاضي احمد (نمائندا ) رات دير سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جسقم تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻ قاسم سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي عمل خلاف جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف مگسي، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، مسعود شاهه، راڻو خان جلباڻي، سيد ناصر شاهه، برڪت جلباڻي، منير ابڙو جي اڳواڻي ۾علامتي بک هڙتال ڪئي، نوابشاهه ۾ناصر شاهه، راشد چانڊيو، جاني سنڌي، طفيل سومرو، قاضي احمد ۾پير نعيم، اعجاز سنڌي، اسلم سنڌي، امام بخش ڏاهري، غلام شبير سنگراھه ۽ دوڙ ۾ڪارڪنن فيروز لغاري، امان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ جو ته جسقم جي پرامن ڪارڪنن کي کنڀي مهينن جا مهينا گم ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ حڪومت اهڙي ڪارروائين تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾گمشده ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ سسئي لوهار جي گهر تي چڙهائي ۽ مٿس سخت تشدد ۽ سندس ڀاءُ  کي کنڀڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے