18 جمعہ , جنوری 2019

جي ڊي اي ۾ شامل ماڻهو سياسي طور ناڪام ٿي چڪا آهن: ناصر شاهه

سکر(رپورٽر) سنڌ جي ورڪز اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوآهي ته سپريم ڪورٽ طرفان پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي پر وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم کي ٿڏيندي اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ کان لنوائي رهي آهي، هن چيو ته حڪومت جي ناتجربيڪاري ۽ هٺ ڌرمي سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، جنهن سبب حڪومت مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته جي ڊي اي ۾ شامل ماڻهو قابل احترام آهن پر هو سياسي طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جي ڊي اي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هارس ٽريڊنگ ۽ گورنر راڄ جون ڪوششون به ناڪام ٿي چڪيون آهي جڏهن ته سکر ۾ پاڻي جي کوٽ جو مکيه سبب واٽر ڪميشن آهي، هن چيو ته وزير اعظم نيب زده ۽ ان جي اتحادين جا نالا اي سي ايل ۾ وجھرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ن ليگ کان وڌيڪ برو سمجهون ٿا.3304

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے