23 بدھ , جنوری 2019

لاڙڪاڻي ۾ رستن جي تباهي جي دانهن تي بلاول نوٽيس ورتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو شهر ميئر جي لاپرواهيءَ، بي توجهه سبب تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو، سنڌ سرڪار شهر جا روڊ رستا بهترين تعمير ڪرائي رهي آهي پر تعمير ٿيل روڊن تي به ميئر صفائي سٿرائي نه ٿو ڪرائي جنهن ڪري روڊ رستا ڪچري جا ڍير بڻجي ويا آهن ۽ مٽيءَ جا تهه روڊن تي ڄمي ويا آهن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪچري جون لوهيون پيٽيون بدبوءِ جو باعث بڻيل آهن، جنهن ڪري شهري ويل ۾ اچي ويا آهن، شهر ۾ گندگيءَ جون اهڙيون رپورٽون ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ توڙي شهر جي ڪوثر مل پاڙي جي نوجوان پاران گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي بابت پنهنجي سُريلي آواز ۾ شاعراڻي انداز ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن معاملي جو بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪندي علائقي جا مسئلا 24 ڪلاڪن اندر حل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.6

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسٽيل مل نجڪاري لسٽ مان خارج، بحالي جي رٿابندي ڪئي آهي:گورنر سنڌ

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے