18 جمعہ , جنوری 2019

سنڌ ۽ بلوچستان ۾تعليم لاءِ گهڻو پئسو ڏنو، پر استعمال غلط ٿيو: ڪيمورون منٽر

ڪراچي (م ڊ ) اڳوڻي آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر چيو آهي ته  پاڪستان تعليم لاءِ ڏنل آمريڪي فنڊن جو درست استعمال نه ڪيو آهي، آمريڪاچاهي ٿو ته پاڪستان جا ماڻهو هر شعبي ۾ ترقي ڪري، چاهيون ٿا ته سڌو اسلام آباد ۽ واشنگٽن ۾ رابطو قائم ڪيو وڃي،  آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ايترا مضبوط آهن جو رنڊڪون بي معنيٰ آهن.  ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيمرون منٽر چيو ته آمريڪا، ڀارت، روس ۽ چين سان به ڳالهين ۾ مصروف آهي،  آمريڪا ڳالهين ذريعي گڏيل معاملا حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪا جو رڳو هڪ مفاد آهي ته هر ملڪ ترقي ڪري. هن چيو ته  پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن جنهن وقت مان سفير هيس ته ملالا يوسفزئي جو معاملو ٿيو،  آمريڪا هميشه پاڪستان سان سهڪار ڪيو آهي، 2000 ۾ دهشتگردي تي ضابطي لاءِ ڪم ڪيو، تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ 2012ع ۾ صحت جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو.  سندس چوڻ هو ته سياسي معاملا بهتر نه ٿيڻ سبب پاڪستان جا معاملا بهتر نه آهن، ڀارت ۽ پاڪستان سان اسان کي معاملا بهتر رکڻا پوندا آهن،  پاڪستاني شهر ڪراچي ۽ انڊين شهر ممبئي معاشي دل آهن. ڪيمرون منٽر چيو ته پاڪستان جو گهڻو ڌيان ترقياتي رٿائن تي هوندو آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے