18 جمعہ , جنوری 2019

شاهد خان، امير ترين، زرداري، نواز ۽ ملڪ رياض به پاڪستان جا شاهوڪار

اسلام آباد(بيورو) سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به امير ترين ماڻهن جي کوٽ ناهي، جن جي دولت جو ڪاٿو اربين ڊالر لڳايو وڃي ٿو. نئين سال 2019ع جي شروعات ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ دولتمند شخصيتن جي لسٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني واپاري ۽ فٽبال ڪلب جو مالڪ شاهد خان مسلسل ٻئين سال 7.2 ارب ڊالر جي دولت سان ٽاپ تي آهي. غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ لکين ماڻهن جي ملڪ پاڪستان ۾ امير ماڻهن جي لسٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو به شامل آهي. لسٽ مطابق پاڪستان جو ٻيو امير ترين يو بي ايل جو مالڪ انور پرويز آهي، جن جي ڪل دولت 3.8 ارب ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. ٽئين نمبر تي ميان منشا آهي جنهن جي دولت 1.9 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي دولت جو ڪاٿو 1.8 ارب ڊالر آهي. امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض،ميان نواز شريف هاشو گروپ آف ڪمپنينز جي صدر هاشواڻي، شان گروپ جو ناصر شان ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جو اشعز عزيز به شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے