18 جمعہ , جنوری 2019

مون کي سنڌ جي دوري کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي: فواد چوڌري

لاهور (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گذريل حڪومت طرفان ڏنل بجيٽ ڪوڙي هئي، هاڻ اصلي بجيٽ اچي رهي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته قوم جون نظرون وزيراعظم عمران خان تي آهن، 23 جنوري تي بجيٽ پيش ڪنداسين، جنهن ۾ روشن ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد رکيو ويندو. ن ليگ صدر شهباز شريف جي ٽرائل تي ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ جيلن اندر ٽرائل ٿيندا رهيا پر هاڻ ٽرائل جوابدارن جي مرضي سان ٿي رهيا آهن، نواز شريف کي ٽرائل دوران لنڊن وڃڻ جي اجازت به ڏني وئي هئي، جڏهن ته شهباز شريف ٽرائل دوران پنهنجي گهر ۾ ئي قيد آهي ۽ جڏهن نيب کي کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻي هوندي آهي ته شهباز شريف انهن کي پنهنجي گهر ئي گهرائي وٺندو آهي. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪراچي وڃڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي، سنڌ جو دورو ضرور ڪندس، تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ڪنهن سياسي چئلينج کي منهن نه ڏئي رهي آهي، ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پاڻ پنهنجون قبرون کوٽيون. فواد چوڌري چيو ته رياست اندر برداشت ۽ انصاف هجڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ام رباب جي خاندان جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ ) سپريم ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي خاندان جي قتل ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے